23 منگل , اکتوبر 2018

عوامي آواز  | حڪومتي پاليسين ۾تضاد آهي، آرٽيڪل 19 تي عمل نٿو ٿئي: توصيف احمد | پروگرام : سنڌ منظر

آئين جي آرٽيڪل 19 جي ڀڃڪڙي ڪندي سوشل ميڊيا تي پابندي مڙهي وئي آهي

نظر نه ايندڙ قوتون چاهن ٿيون ته انتهاپسندي جو جن قائم دائم رهي: پروگرام سنڌ منظر ۾ڳالهيون

ڪراچي (رپورٽر) حڪومت جي پاليسين ۾ تضاد آهي، وزيراعظم وزيرن سڀني آئين جو قسم کنيو آهي پر آئين جي آرٽيڪل 19 تي ڪوئي عمل نٿو ڪري جيڪو بنيادي انساني حقن ۽ اظهار جي آزادي سان لاڳاپيل آهي، ان جي ڀڃڪڙي ڪندي سوشل ميڊيا تي پابندي مڙهي وئي آهي. ماهر تعليم دانسور سياسي تجزئي نگار ڊاڪٽر توصيف احمد اهڙن خيالن جو اظهار عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام سنڌ منظر ۾ ميزبان مقتديٰ منصور سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اهڙي طريقي سان ميڊيا کي ريگيوليٽ ڪرڻ سان نقصان ٿيندا. هن چيو ته اها عجيب ڳالهه آهي وزيراعظم انتهاپسندي خلاف ملڪي ليول تي هڪ نقطه نظر ٺاهڻ لاءِ چيو آهي پر سوشل ميڊيا تي مذهبي نفرت ڦهلائڻ وارا آزاد آهن. ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ رياستي ادارا انهن سان همدردي رکي رهيا آهن، نظر نه ايندڙ قوتون چاهن ٿيون انتهاپسندي جو جن قائم دائم رهي ۽ اُهي هن جن کي پنهنجي مرضي مطابق استعال ڪندا، رهن پر ان مسئلي تي ڪنهن به ٻي خيال جي ضرورت ناهي، حڪومت وٽ مذبي انتهاپسندن خلاف هڪ واضح پاليسي هئڻ گهرجي.هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ايڊيٽوريل ڪنٽرول ڪونهي، هر اها شيءِ جيڪا مالڪ سمجهن ٿا مارڪيٽ ۾ کپي ويندي اها هلائي وڃي ٿي. هن چيو ته ڪجهه چينل پاڻمرادو اسٽبلشمينٽ جا ترجمان ٿي ويا آهن ۽ جمهوريت خلاف ڳالهائي رهيا آهن، پاڪستان ۾ هڪ عزت جا قانون ڪمزور آهن، جيستائين مضبوط نه ٿيندا ميڊيا ۾ تبديلي نه ايندي، هتي ميڊيا جي احتساب لاءِ ادارا نه آهن، پريس ڪائونسل جي تشڪيل غلط آهي، انهيءَ ۾ ميڊيا مالڪن کي شامل نه هئڻ گهرجي، پيمرا جو ادارو به غلط طريقي سان ٺهيل آهي. لائسنس به پئمرا ڏي ٿو پروسيڪيوٽر به پاڻ ته عدالت به پاڻ آهي، جنهن ڪري معاملا عدالت ۾ وڃي رهيا آهن، احتساب تنقيد کانسواءِ ناهي هوندو، اسان وٽ تعليم جا ڪيترائي نظام رائج آهن، مدرسا رفارمز جي اشد ضرورت آهي، بنيادي تعليم صحت ۽ صفائي وارا معاملا مڪاني ادارن حوالي ڪيا وڃن، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ استادن جي سياسي ڀرتي سان تعليمي نظام تباهه ٿي سنڌ جي تعليمي تاريخ ۾ پير مظهر جو دور هڪ ڪارو باب آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ملير ۾ گلشن حديد روڊ جي افتتاحي تقريب، ضلع ڪائونسل جي چيئرمين سلمان عبدالله مراد عملدارن کي ڇو پٽي ڇنڊ، ڄاڻڻ لاءِ ڏسو هن خبر ۾

ڪراچي ضلع ڪائونسل جي  چيئرمين سلمان عبدالله مراد چيو آهي ته عوام جي وچ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے