10 پیر , دسمبر 2018

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ اَفيئر

يار محمد  شاهه

                         جهوني  جوڳي فلسفيانه تقرير جهاڙيندي چيو ته، ادا ن ليگ کي لڪل پاور ڪنهن به قوت طرفان مليل آهي، ن ليگ هر دور حڪومت ۾ ادارن سان جنگ ڪئي آهي، سپريم ڪورٽ تي حملو، خواجا آصف جي اسيمبليءَ ۾ ادارن خلاف جذباتي تقرير، نواز شريف جا ادارن کي دڙڪا، سعد رفيق، رانا ثناءُ الله ۽ هن هفتي نهال هاشمي جي ڪردار ن ليگ جي ادارن سان اڻ سڌي طرح جنگ جاري رکيو اچي ۽ سندس ڳالهائيندڙ ليڊر هر ٽي وي چينل تي هر وقت اڻ سڌي طرح ادارن کي ڌمڪيون ڏئي وري پنهنجن همراهن کان استعيفيٰ وٺي، معذرت جا ٻه لفظ چيو پنهنجي عادت جاري رکيو اچي، مٿان هاڻ سڀ اليڪشن جي تياري به ڪري رهيا آهن، ۽ عدالتي ڪاررواين کي داٻو به ڏئي رهيا آهن، ان کان اڳ ضرور دنيا ڏٺو ته مشرف جي جيل مان سعودي وارن جي فرمائش تي همراهه سياست تان 10 سال هٿ کڻڻ جو لکي ڏنو ۽ ملڪ ڇڏي هليو ويو، ۽ وري بي نظير سان ”ميثاق جمهوريت جي چولي پائي“ سياست ۾ وري نروار ٿي ويو ۽ جڏهن آصف زرداري عزت سان مشرف کي روانو ڪيو ته ميان صاحب وارا پوءِ لٿا ميدان ۾، بي نظير جي شهادت کانپوءِ نواز شريف وري واحد قوت بڻجڻ واري مرحلي ۾ داخل ٿيو.

طالبان اليڪشن ۾ ڌمڪيون ڏئي پ پ ۽ ولي خان جا ووٽ وڃائي، بي نظير کي شهيد ڪرائيندڙ قوتن وڏي اڪثريت ڏياري ايوان ۾ اڪثريت سان آندو پر سندس اندرون اختلاف، ادارن ۽ ن ليگ جا تيزيءَ سان اڳيان ايندا وڃن ۽ رمضان کانپوءِ عيد ملن پارٽين جي صورت ۾ اليڪشني ڪارنر ميٽنگز جون تياريون به جاري، پ پ ۾ شامل ٿيندڙ نامور نوان مهرا اهڙا جشن ڪندا، باقي پراڻا ته ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ زرداري تي ڀاڙيندا. ڪامريڊ سليم چيو ته ميان نواز شريف سان سڀ پراڻا پاپي گڏ آهن ۽ هوندا، اسان ايم ڪيو ايم وارن کي پ پ ۽ سنڌين کي منهن ڏيڻ لاءِ ن ليگ جي مدد وٺڻي پوندي، پر جي ن ليگ کي به ٽڪرا ٽڪرا ڪري هڪ ٽيڪنو ڪريٽ ۽ نوجوان ميمبرن تي مشتمل ملڪ سنڀالڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي نرسري مان نوجوان ۽ نئين ٽيم جي حوالي مالڪي ڪرڻ جي مانڊاڻ تي ئي ڏيهي پرڏيهي ادارا هوم ورڪ ڪري رهيا آهن. وري سياستدان ٿيڻ، لاءِ چونڊن ۾ انهن ئي پارٽين جي سربراهن جو اولاد سامهون ايندو ۽ عوام جا جا احتجاج به سوشل ميڊيا تي پيا هلندا، جيئن فروٽ خريداري جو بائيڪاٽ، موبائيل جي خلاف عوام جي هڙتال وغيره وغيره ايندڙ دور جي سياست به سوشل ميڊيا جي محتاج رهندي.

اخبارن ۽ ٽي وي پروپئگنڊا جو دور ختم ٿيڻ وارو آهي، برگري شهزادا اسان جي ايندڙ نسل جا سرواڻ هوندا پر جڏهن سي پيڪ ٿرڪول ۽ ٻين ترقين جي ڪري جاهل ۽ بيروزگار سنڌي نوجوان پنهنجن علائقن ۾ برسر روزگار ٿي ويا ته پوءِ سنڌين مان ڏوهاري ٿيڻ جي سوچ ختم ٿيڻ لڳندي، جڏهن اسان ايم ڪيو ايم وارن جو سڌريل نسل ۽ اوهان سنڌين جو سڌريل نسل پاڻ ۾ هڪ ٿي، سنڌ جي مالڪي ڪندا ۽ نوان پراڻا ۽ سنڌي مهاجر جي وبا گهٽ ٿيڻ لڳندي، تڏهن اندرين علائقن ۾ تيزيءَ سان ٿيندڙ ترقي ۾ پنهنجو حق ۽ حصو نه وٺي سگهنداسين، ته پوءِ ڏسجو ته گروڙ شريف جي پيشن گوئي ”جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي ڪنڌارئون جوکو“ ٿورو غور ڪيو ته جڏهن تيل ڪمپنين جا بجلي تيار ڪرڻ ۽ گئس نيڪال ڪرڻ جو سلسلو تيز ٿيو ته پوءِ اهي قنڌار مان آيل جيڪي اڄ به خوشحال مزدور ۽ ٺيڪيدار جي حيثيت ۾ ڪابل ڪنڌار وارا قابض آهن، جيئن شهرن جا ته چوڪيدار، منشيات، هٿيار ۽ ڀتو، ٽرانسپورٽ ۽ تعميراتي سمورو نظام اڳ ۾ ئي هنن جي هٿ ۾ آهي، سنڌي مهاجرن کي به ساڳيون قوتون پاڻ ۾ ويڙهائڻ ٿيون چاهين.

مواليءَ ٿڌو ساهه ڀريندي، چيو ته ادا جهالت جي زماني ۾ نياڻيون جيئري دفن ڪري ڇڏيندا هئا ۽ فرعون جي زماني ۾ پٽ ڪهي ڇڏيندا هئا. هلاڪو خان ۽ محمد بن قاسم جي حملن ۾ لکين انسان ڪسي ويا. ان کانپوءِ ۽ هاڻ بارود جي هٿيارن سان هزارين انسان روز پيا مرن پر انهن ۾ به مسلمان گهڻا، تازو برطانيا ۾ خنجرن جي ذريعي ست ڄڻا قتل ٿيا، انهن کي به مسلمان دهشتگردن جو واقعو ٻڌايو پيو وڃي، مسلمانن جي هن دور ۾ مولوي جناب طارق جميل جا نصيحت ڀريا نڪتا روز ٽيليويوزن، سوشل ميڊيا ريڊيو اخبارن ۽ سي ڊي جي ذريعي انسان کي روز الله جو ڪلام جون هدايتون ۽ قرآن سمجهائي سمجهائي دوزخ کان ڊيڄاري ڊيڄاري ٿڪجي پيو آهي، پر ”چري ڪيئن“ جي ويران وير وڌ، هن ملڪ جي عوام جن کي اڪثريت سان هيرو بڻائي ايوانن ۾ آندو آهي، عدالتن ۾ يا ته ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺا آهن، يا وري ٽي وي تي سلطان راهي واريون ڀڙڪيون پيا هڻن.

حسين نواز پڇاڻي واري دفتر ۾ ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺو هو ته ان تصوير تي ميڊيا ۽ اداري تي ڦڙڪيون شروع ٿي ويون، رمضان جو گرم ترين مهينو بجلي، پاڻي غريبن ۽ اڃايل انسانن، جانورن ۽ پکين کي به سنڌ ۾ به اڃ ۽ بک کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه مليو، پر سائين مراد علي شاهه 10 کربن جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، جنهن مان 344 اربن جو ترقياتي پروگرام، 49 هزار نوڪريون، پگهارن ۾ 15، پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ، سرڪار سنڌ جي هجي يا وفاق جي پر حڪومت جا قرض ڪارخانيدارن ۽ بزنس مين وٽ وڌيڪ هوندا ۽ رڪوري به انهن مان گهٽ جڏهن ته زرعي بينڪ ۾ 25 سيڪڙو رشوت جي عيوض ڳري وياج تي جيڪي قرض ڏنا وڃن ٿا، سنڌ ۾ زرعي بينڪ جا سڀ ڏوڪڙ وڏيرن وٽ ۽ پادرن جي ڊپ کان وري به بينڪرن سان ساز باز ڪري رڪوري ڏيو، وريو انهي هفتي ۾ قرض واپس کنيو وڃن پوءِ سنڌ جي زرعي قرض جي واپسي هر فصل تي سٺي ٿي وڃي ٿي، جڏهن ته شهرن ۾ هائوس بلڊنگس ۽ انڊسٽريز ۾ جيترو پيسو ڦاٿل آهي، اوتري رڪوري ٿي نه سگهندي آهي، ۽ پوءِ به ٻين نالن تي ساڳي تان وري به قرض کڻي ويندا آهن، زرداري صاحب جي حڪمت عملي سبب اندرون سنڌ ۾ تپيدار ڍلون مڪمل وصول ڪيون، بلڪه روينيو کاتو هلندو ئي اٻوجهه آبادگارن کان مٿين رسيد واري اضافي رقم حاصل ڪري، سڄي سنڌ حڪومت جا غير سرڪاري سڀ اخراجات تپيدار انهن زميندارن کان ئي وٺندا آهن، يا انهن مان ڪڍندا آهن، جيڪڏهن اهو چئجي ته سنڌ جي حڪومت تپيدار هلائيندو آهي، غلط نه ٿيندو، اندرون سنڌ ۾ جيڪي به سرڪاري تقريبون ٿينديون آهن، انهن جا خرچ محڪمي روينيو تي هوندا آهن، جيڪي وري به زراعت وارن کان وصول ٿيندا آهن، پر انهن سڀني پراڻن رواجن کي زرداري صاحب ۽ سائين مراد علي شاهه گڏجي ڪاميابيءَ طرف وڌي رهيا آهن، زرداري صاحب عيد کانپوءِ وڏا وڏا جلسا چئني صوبن ۾ وڏي پئماني تي ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي، باقي ميڊيا ته هاڻ قطري شهزادي ۽ ملڪ ۾ ڦاٿل آهي.

تڏهن مون چيو ته ادا هن وقت قطر ۽ سعودي اختلافن هن علائقي ۾ جيڪو ممڻ مچايو آهي، ان جا نتيجا پوري دنيا تي ظاهر ٿي رهيا آهن، ايتري قدر جو پاڪستاني زائرين عمري لاءِ احرام ٻڌي قطر ايئرپورٽ تي واپسيءَ لاءِ ويٺا واجهائين، اهڙي طرح قطر کي اندرون طرح ترقي ڏياريندڙ، هڪ شهر کي هڪ ملڪ بڻائيندڙ ۽ ان موجود آمريڪا جي ان ويڙهاند پٺيان ڪهڙو مفاد آهي، جو سعودي سندس اسپو ڪس مين ۽ قطر سندس شيطاني ڪرتبن جو هيڊ ڪوارٽر به آهي، پوءِ به هن هي ڏکيون حالتون سعودي هٿان پيدا ڪرائي قطر کي روز اربين ڊالرن جو نقصان ڏئي رهيو آهي، برطانيا ۽ آمريڪا ۾ به هاڻ دهشتگردي لهر جي ابتدا ٿي چڪي آهي، قطر جي پابندين سان خوراڪ جي بحران جو خطرو وڌي ويو آهي.

41 لک ڊالر جو نقصان ته صرف ايئرويز تي رڪاوٽن جي ڪري ٿيو، پر جڏهن ايران قطر جي مدد ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿو ته آمريڪا ٽياڪڙ ٿي ڳالهين جي ڪوشش ڪري، وري شيطانگيري جو نئون ڄار اڇلايو آهي، سعودي به سڀني اتحادين کي ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو، پاڪستان به اڳ ٻن ٻيڙين ۾ بيٺو هو ته قطري شهزادي جي ڳالهه کانپوءِ وري ٽين ٻيڙي به سامهون اچي وئي، هاڻ پاڪستان اڃان يمن ۾ داخل ٿيڻ جو سوچي رهيو هو ته وري قطري شهزادي جي مائٽن سان جنگ شروع ڪري ڇڏي، بهرحال اهي ”ستيءَ ۾ سور“ مليا آهن سي ته پيا سانڍينداسين، پر سنڌ جي بجيٽ ۾ جيڪي ترقياتي فنڊ مخصوص ڪيا ويا آهن، انهن جي استعمال جي ڳڻتيءَ ۾ بيورو ڪريسي بي حال آهي، ڇو ته ڏوڪڙ ڏيندڙ مالڪ پنهنجن وفادارن کي جن اسڪيمن لاءِ ڏوڪڙ ڏيندا، ان مان گهڻا حصا ٺهندا ۽ ايندڙ سال جي اليڪشن جي چڪر ۾ ڪير به ڌيان نه ڏيندو، صرف ڪاغذن جا پيٽ ڀريا ويندا.

بقول بلاول جي ته پاناما ڪيس قانون جي حڪمرانيءَ جو امتحان آهي، ڇو ته ماضيءَ ۾ به ته احتساب ٿيو هاڻ ڏسون ته تخت رائونڊ جو احتساب ڪيئن ٿو ٿئي، جڏهن ته ن ليگ جي بقول ته سنڌ بجيٽ سياسي بجيٽ آهي، پ پ ان مان فائدو کڻندي، ٻنهي پارٽين جي اک ٻوٽ پئي هلي عوام پيو گوليون کائي خودڪشيون ڪري، مطالبن جي لاءِ پاڻ ساڙڻ جو سلسلو به وڌندو وڃي، ميڊيا وٽ نهال هاشمي جي ڪهاڻي ۾ ڌن مقبول آهي، هاڻ سڀ ٿا چون ته اهو ن ليگ جو طئي ٿيل ٽوپي ڊرامو هو، پ پ جا ليڊر پنجاب ۾ هاڻ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي رهيا آهن، ۽ ممڪن آهي پنجاب ۾ پ پ جي پڄاڻي کانپوءِ سنڌ ۾ به متوقع ڌڙابندي ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جا قومي اسيمبليءَ ۾ ميمبرن جو ساڳيو تعداد هجي ۽ سنڌ ۾ پ پ جو پر هن ڀيري عمران خان مضبوط آهي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے