11 منگل , دسمبر 2018

قطري شهزادو ڇاجي ڪري لنوائي رهيو آهي

ربنواز راز  ڄامڙو

                         قطري شهزادو ڇاجي ڪري پاڪستان اچڻ کان لنوائي رهيو آهي انجو سبب اهو به ٿي سگھي ٿو ته پاڻي حد کان وڌيڪ تار ٿي ويو آهي اهڙي صورتحال ڏسي  قطري شهزادي پاڪستان اچڻ کان صاف انڪار واري ڇڏيو آهي جنهن ڪري شريف خاندان جي لاءِ پريشانين جو سمنڊ اٿلي پيو آهي، هن وقت شريف خاندان وچ سير ۾ بيٺل آهي. شريف خاندان ڪنهن تارو جي آسري ۾ تڙپي رهيو آهي اگر کين تاري سگھي ٿو ته قطري شهزادو ئي  تاري سگھي ٿو. جيڪو پڻ پاڻي جي سطح تار ڏسي مڪري ويو آهي . ان جو به ڪوسبب هوندو يا ته قطري شهزادي جو خط فراڊ آهي جو کيس ڊپ ورائي ويو آهي ته ائين نه ٿئي جو مان به شريف خاندان جيان ڦاسي پوان ملڪ جي وزير اعظم جو خاندان جهڙي نموني مشڪل صورتهال مان گذري رهيو آهي اهڙي قسم جو ڪو به مثال موجود ناهي جو ڪڏهن ڪنهن آمر جي دور ۾ به ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم سان اهڙي قسم جو ورتاءُ ڪيو ويو هجي، هي ملڪ جو پهريون وزيراعظم آهي جنهن دور حڪمراني ۾ ساڻس ئي خاندان جي تلاشي ورتي پئي وڃي سندس تلاشي اهري نموني ورتي پئي وڃي جو تلاشي ۾ ذري جيترو به رک رياءُ نه پيو ڪيو وڃي . شريف خاندان جو صبر هڪ مثالي ٿي سگھي ٿو، جيڪڏهن سندن خاندان بي ڏوهي ثابت ٿيو، شريف خاندان کي چوڏهن چنڊ لڳي ويندا، اهو مرحلو اڃا پوئتي آهي، هاڻي ته سچ ۽ ڪوڙ جي جنگ جاري آهي، آخر ڪار اها اميد رکي سگھجي ٿي ته سوڀ وري به سچ جي ٿيندي ڇاڪاڻ ته چوندا اهن ته سچ لڏندو آهي پر ٻڏندو ناهي ان ڪري هن وقت اهو لکڻ ته پاناما ڪيس ڪوڙو يا سچو آهي وقت کان اڳ آهي ڇوجو ڪيس نتيجي واري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي.

انهيءَ  صورتحال کي نظر ۾ رکندي وزير اعظم نواز شريف قطري شهزادي کي جي آءِ ٽي جي سامهون بيان رڪارڊ ڪرائڻ تي راضي ڪرڻ جو ٽاسڪ پنهنجي نياڻي مريم نواز ۽ پراڻي دوست سيف الرحمان جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. مريم نواز ڪجهه ڏينهن ۾ قطر جو دورو ڪندي ۽ قطري شهزادي حماد بن جاسم الثاني کي پاڪستان اچڻ يا قطر ۾ جي آءِ ٽي جي ميمبرن کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. نواز شريف پنهنجي ويجهي دوست سيف الرحمان کي به مريم نواز جي مدد ڪرڻ جو پيغام موڪليو آهي. اعليٰ حڪومتي ذريعن ٻڌايو آهي ته قطري شهزادي کي جي آءِ ٽي جي سامهون بيان رڪارڊ ڪرائڻ تي راضي ڪرڻ جي لاءِ مريم نواز سيف الرحمان قطري حڪمرانن سان ملي ڪري جي آءِ ٽي اڳيان بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ راضي ڪندا ائين به ٿي سگھي ٿو ته کيس ڪا خاطري ڪرائي بانور ڪرايو وڃي ته اوهين نه گھٻرايو اوهان کي ڪجھه ڪين ٿيندو پر لڱ ته قطري شهزادي جابه ڏڪندا هوندا ڇاڪاڻ ته پاناماڪيس جي جهڙي نموني چڪاس ٿي رهي آهي ان مان واضع ٿي رهيو آهي ته شريف خاندان جو بچڻ مشڪل آهي اگر قطري شهزادي اچي ڪنهن به قسم جي غلط بياني ڪئي ته۽ شريف خاندان کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته قطري شهزادو به هن ڪيس ۾ جڪڙجي سگھي ٿو، ڇاجي ڪري جو شريف خاندان جي فيملي ميمبرن جي بيانن ۾ تضاد آهي، جيڪڏهن خاندانن جي بيانن جي تضاد نه هجي هان ته پوءِ قطري شهزادي جو بيان ۽ خط جي اهميت هجي هان انڪري قطري شهزادي جونه اچڻ انجي حق ۾ بهتر آهي چاڪاڻ ته پاناما ڪيس جي جاچ ڪندڙ گڏيل جاچ ٽيم، ٻي رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي، جيڪا سڀاڻي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪئي ويندي.

جي آءِ ٽي جو واجد ضياءَ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايس اي سي پي طرفان شريف خاندان جي ملڪيتن بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي، ايس اي سي پي جي رپورٽ سان گڏ اسحاق ڊار جو اعترافي بيان پڻ جمع ڪرايو ويو، جي آءِ ٽي، وزيراعظم جي اولاد حسين ۽ حسن نواز جي بيانن، ايس اي سي پي جي رپورٽ ۽ اسحاق ڊار جي بيان جو جائزو ورتو، جي آءِ ٽي سمورين شين جو جائزو وٺڻ بعد ٻي قطعي رپورٽ تيار ڪري ورتي، ذريعن موجب، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حسن نواز جيڪي دستاويز پيش ڪيا، انهن جي تصديق لاءِ لاڳاپيل ادارن سان رابطو ڪيو ويو آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو ته حسين ۽ حسن نواز جي، جي آءِ ٽي ۽ ماضي ۾ ٽي وي انٽرويوز جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو پيو وڃي، جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ کان شريف خاندان جي مردن ۽ عورتن بابت تفصيل پڻ طلب ڪيا ويا آهن، رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته حسين نواز جي تصوير جاري ٿيڻ بابت پڻ جاچ ڪئي پئي وڃي، پاناما جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي طرفان تيار ڪيل رپورٽ سڀاڻي سپريم ڪورٽ جي خاص بئنچ آڏو پيش ڪئي ويندي.

نهال هاشمي جيڪا زبان استعمال ڪئي اها ڪنهن ٻئي جي زبان هئي پر تنهن هوندي نهال هاشمي کي سزا ڏيڻ لاءِ سانباها ٿي رهيا آهن . اهڙي قسم جي جو ميڙاڪو جوڙيو ويو آهي جيڪوپاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر وزيراعظم محمد نواز شريف نهال هاشمي  خلاف جاچ جي لاءِ مسلم ليگ (ن) جي نيشنل ايٿڪ اينڊ ڊسپلزي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي.  پريس رليز موجب راجا ظفر الحق ڪميٽي جو ڪنوينر جڏهن ته ميمبرن ۾ بئريسٽر ظفر الله خان، سينيٽر نزهت صادق، خواجه ظهير احمد ۽ ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي شامل آهن. ڪميٽي پنج ڏينهن ۾ پنهنجون سفارشون مسلم ليگ (ن) جي صدر کي پيش ڪندي. هوڏانهن سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر نهال هاشمي جي استعيفيٰ جي حوالي سان فيصلو سينيٽ جي اجلاس ۾ ٻڌائيندو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري پريس رليز موجب سينيٽر نهال هاشمي ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ چيئرمين جي چيمبر ۾ درخواست جمع ڪرائي ته هو سينيٽ جي ميمبرشپ تان استعيفا واپس وٺڻ چاهي ٿو جيڪا هن 31 مئي 2017ع تي ڏني هئي، هي معاملو سينيٽ چيئرمين جي غور هيٺ آيو ان تي فيصلو سينيٽ جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويندو. ائين سمجھو ته اڄ نهال هاشمي جي قسمت جو فيصلو ٿيڻ وارو آهي .

پر فقير ٻولن ٿا ته سندس حق ۾ فيصلو ايندو  تحريڪ انصاف پاناما ڪيس جي پوئواري ڇڏي ناهي اهي پاناما ڪيس جي پڇ ۾ چمبڙيل آهن جي ڪجھه اڳواڻن جو رد عمل هن طرح سامهون آيو آهي ، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته سعد رفيق جنهن عدالت کان اسٽي ورتو، ان تي ئي تنقيد ڪري رهيو آهي، اسان کي روڊن تي نڪرڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته جيئن جيئن جي آءِ ٽي آخري مرحلن ۾ داخل ٿي رهي آهي، گهٻراهٽ وڌي رهي آهي، ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جي آءِ ٽي ڪم پورو نه ڪري سگهي. هن چيو ته هڪ ماڻهو کي بچائڻ لاءِ سڄي نظام جي قرباني نه ڏني وڃي، تحريڪ انصاف وٽ سڀ کان وڏي اسٽريٽ پاور آهي. سندس چوڻ هو ته نهال هاشمي خلاف ڪارروائي جو ٽوپي ڊرامو ڪيو ويو، اسان کي روڊن تي نه آندو وڃي. شفقت محمود چيو ته نهال هاشمي جي درخواست سان سڄو ڊرامو ايڪسپوز ٿي ويو آهي. مان به پنهنجي اها ڪوشش ڪئي آهي ته پنهنجي پڙهندڙ پرستارن جي لاءِ پاناما ڪيس لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي جي باري پنهنجو تبصرو پيش ڪندو رهان اڄ ڳالھ اتي ختم ڪجي ٿي ته ڇا مريم نواز ۽ سيف الرحمان قطري شهزادي کي جي آءِ ٽي جي آڏو پيش ٿيڻ  لاءِ راضي ڪري سگھندا، ڏسڻو اهو آهي ته مريم نواز ۽ سيف الرحمان جي محنت ڪيترو رنگ لائي ٿي .

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے