11 منگل , دسمبر 2018

اعلانيل بجيٽون ۽ مسئلن ۾ وڪوڙيل ننڍو آبادگار

غلام حسين لغاري

                         جڏهن پارليامينٽ ۾ سال 2018-2017 لاءِ وفاقي بجيٽ پيش ٿي رهي هئي ته عين انوقت پاڪستان ڪسان اتحاد جي پاران اسلام آباد جي حساس علائقي اندر منعقد ڪيل احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ هارين مٿان لٺبازي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ٿي رهيو هو.سرڪاري ڌر جو ڪو به اڳواڻ يا وزير احتجاج ڪندڙن وٽ همدردي لاءِ ته نه پهتو وري به پ پ سان لاڳاپيل مخالف ڌر جو اڳواڻ سيد خورشيد علي شاهه نه صرف وٽن پهتو پر بجيٽ اجلاس ۾ به پنهنجو ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرايو.ملڪ جي خوشحالي لاءِ پنهنجو پگهر وهائيندڙ پورهيت ۽ هاري وفاقي سرڪار کان ٻيو ته ڪجهه به نه گهري رهيا هئا پر صرف ئي صرف زراعت لاءِ رليف گهري رهيا هئا جن سان ملڪ ۾ زرعي خوشحالي اچي پئي سگهي.جڏهن زرعي پورهيتن جو خون وهي رهيو هو تڏهن اها اميد هئي ته وزيراعظم صاحب جيڪو بجيٽ اجلاس ۾ موجود هو زرعي پورهيتن مٿان ٿيل لٺبازي يا وهايل ڳوڙها گئس جو نوٽيس وٺي پنهنجي ۽ پنهنجي حڪومت جي اهڙي رويي تي افسوس جو اظهار ڪرڻ سان گڏ زرعي مسئلن جي حل لاءِ ڪو نه ڪو اعلان ڪندو يا ڪميشن جوڙيندو پر اهو سڀ ڪجهه هڪ خيال رهجي ويو.

هونئن ته جڏهن به وفاقي يا صوبائي بجيٽ ايوان ۾ پيش ٿيندي آهي ته مخالف ڌر ڪونه ڪو بهانو بڻائي ايوان ۾ گوڙ ڪندي آهي پر اهڙي گوڙ هوندي به سرڪاري ڌر پنهنجي بجيٽ پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندي آهي ۽ هن ڀيري به ساڳيو حشر و نشر ڏسڻ ۾ آيو جو وفاقي توڙي صوبائي بجيٽون شور شرابي ۾ پيش ٿيون جنهن لاءِ بجيٽون پيش ڪندڙ وزيرن وڏي مهارت کان ڪم ورتو.هن ڀيري جيڪي به بجيٽون پيش ڪيون ويون اهي موجوده حڪومتن جون آخري بجيٽون هيون پر وفاقي وزير خزانه اسحاق ڊار انهي حد تائين چئي ڇڏيو آهي ته ايندڙ سال جي بجيٽ به سندس ئي سرڪار پيش ڪندي.اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو ته ن ليگ جي سرڪار کي ڪيترو ڀروسو آهي ته اها چهين بجيٽ پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندي.

جيڪڏهن سال 2018-2017 جي پيش ڪيل وفاقي توڙي سنڌ جي بجيٽ جو سرسري جائزو وٺبو ته اهي گذريل سال جي پيش ڪيل بجيٽن جي اصل ڪاپي يعني نقل آهي جن کي پيسٽ ڪيو ويو آهي ۽ انگن اکرن جي ڦير ڦار ٿيل آهي جنهن ۾ زراعت جي ترقي ۽ زرعي پورهيتن جي مسئلن يا کين ڪنهن به قسم جو ڪو رليف مليل ڪونهي ۽ نه وري ڏنو ويو آهي.ملڪ جي 85 سيڪڙو آبادي جو مدار زراعت ۽ زراعت سان واڳيل شعبن سان آهي.زرعي پورهيت کڻي سنڌ جو هجي يا پنجاب جو،ڪي پي ڪي جو هجي يا بلوچستان جو سندن مسئلا ساڳيا آهن جيڪي توجهه طلب آهن ۽ کين مناسب رليف ملڻ گهرجي.ماضي جي اها روايت رهي آهي ته وفاق پنهنجي همدردي ۽ ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ آبادگارن جا ملڪي سطح جا ڪنويشن ڪوٺرائي انهن ۾ زرعي سڌارن جو اعلان ڪندي آهي جيڪي بظاهر صرف ئي صرف اعلان رهندا آهن ۽ اڳتي هلي اعلانيل مراعتون واپس ورتيون وينديون آهن.اسلام آباد ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه صاحب جي آبادگارن تي ٿيل تشدد وقت سر زمين تي پهچڻ ۽ ساڻن همدردي ڪرڻ ۽ وري ايوان ۾ پهچي احتجاج ڪرڻ کانپوءِ اها اميد هئي ته جيڪڏهن وفاق آبادگارن لاءِ ڪجهه نٿي ڪري ته من سنڌ جي سندس حڪومت ئي ڪو آبادگارن لاءِ پئڪيج ڏئي پر اهو به ٿي نه سگهيو.

نئين سال جي اعلانيل بجيٽ به روايتي اعلان کان گهٽ ناهي.هاڻ ميڊيا جو دور آهي آبادگار پنهنجي مسئلن ۽ حڪومتي چال بازين کان ڀلي ڀت واقف آهي.وفاقي سرڪار بجيٽ ۾ انتهائي چالاڪي سان ڀاڻ جي قيمتن جي اگهن گهٽائڻ جو بظاهر ته اعلان ڪيو آهي پر ان تي شايد ئي ڪو عمل ڪرائي سگهي.جڏهن فصلن جي پوکي جو وقت ايندو ته ڪيميائي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ڪرائي مهانگو ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪارخانا يا ته حڪومتي تحويل ۾ آهن يا وري انهن صنعتڪارن جا آهن جيڪي سرڪار سان واڳيل رهن ٿا ۽ کين چوڻ وارو ڪير به ناهي هوندو.ننڍن آبادگارن خاص ڪري ساڍن ٻارنهن ايڪڙ زمين رکندڙن کي زرعي قرضن جي گهٽ وياج جي سهولت وارو اعلان به ڪو نئون ناهي، ماضي ۾ به ٿيندو رهيو آهي پر ننڍن آبادگارن کي زرعي توڙي ڪمرشيل بئنڪون قرض ڪڏهن ٿيون ڏين.جيڪڏهن ڏين به ٿيون ته اهي هڪ ته ڪميشن تحت ملن ٿا ٻيو ته روينيو جا ڪامورا قرض وارا ڪاغذ تصديق ڪرڻ لاءِ به الڳ ڪميشن وٺن ٿا جنهن ڪري ننڍو آبادگار وقت سر قرض وٺي نٿو سگهي. زرعي قرضن جي فراهمي لاءِ زراعت کاتي جو فيلڊ آفيسر رپورٽ جاري ڪري جنهن جي بنياد تحت زرعي قرض جاري ڪيا وڃن ۽ انهن جي تصديق ٿئي ته اهي قرض صحيح طريقي سان استعمال ٿيا به آهن يا نه؟ سنڌ جو آبادگار روينيو جي ڪامورن خاص طور تي تپيدارن جي عتاب ۾ رهي ٿو.جيڪي شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي شهادت واري ڏهاڙي باهه لڳڻ جو بهانو بنائي زرعي زمينن جو رڪارڊ تباهه ٻڌائين ٿا ۽ ٻن ڏوڪڙن عيوض بعد ۾ اهو رڪارڊ ظاهر ڪن ٿا جنهن سان به ننڍو آبادگار پريشان رهي ٿو ۽ قرض پکا کڻي تپيدار کي رشوت فراهم ڪري ٿو.واقعي کي ڏهاڪو کن سال گذري چڪا آهن پر سنڌ جو ننڍو آبادگار تپيدارن جي عتاب مان ٻاهر ناهي نڪري سگهيو.

سنڌ اندر ته اهو حشر آهي جو زرعي مشينري،ٽريڪٽر ۽ ٽيوب ويل به ننڍي آبادگار جي قسمت ۾ ناهي ۽ اهو وڏو يا وري سفارشي آبادگار ريڙهيو وڃي.سنڌ جون زرعي منڊيون تباهه و برباد بڻيل آهي جيڪي هڪ ته نقصان ۾ هلي رهيون آهن ٻيو ته اهي آبادگارن جي بدران واپارين جي قبضي ۾هيٺ آهن جتي ننڍو آبادگار پنهنجي پئداوار مناسب اگهه تي وڪرو نٿو ڪري سگهي جنهن لاءِ آبادگارن جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙچ ۾ زرعي منڊيون ٺهن ۽ هلڻ گهرجن.ماضي ۾ جتي به کنڊ جا ڪارخانا هوندا هئا اتي شگر سيس جي پئسن مان روڊ رستا ٺهندا هئا پر شگر سيس فنڊ جا پئسا هاڻ ڪاڏي ٿا وڃن تن جي ڪابه خبر ناهي.ڪمند جي آبادگارن کي اگهه به پورو نٿو ملي جڏهن ته ڏينهون ڏينهن کنڊ به مهانگي ٿي رهي آهي.ڪمند جي آبادگارن جون رهتون به وقت سر ادا نٿيون ٿين.ايوانن اندر ويٺل جيڪي پاڻ کي عوام جو چونڊيل نمائندو ته سڏرائين ٿا پر ايوان اندر چپ چوري نٿا سگهن.آخر ڇو؟

سنڌ سميت ملڪ اندر زرعي ٻجن،ڀاڻ،زرعي دوائن ۽ زرعي مشينري جا اگهه بنا ڪنهن جواز جي چوٽ چڙهيل آهن جيڪي ننڍو آبادگار خريد ڪري استعمال ڪري نٿو سگهي.پنجاب جو ته اهو حال آهي جو اهو پنهنجي صوبي اندر ٻه نمبر ٻج ، ڀاڻ ۽ زرعي دوائون تيار ڪري ننڍن صوبن ڏانهن وڪري لاءِ موڪلي ٿو جنهن جو ڪو به احتساب ڪونهي.وفاقي توڙي صوبائي سطح تي جيڪي به زرعي دوائن ، ڀاڻ ۽ ٻجن جي چڪاس واريون لئباريٽريون قائم ٿيل آهن اهي به بي اثر ٿي چڪيون آهن جنهن سان به زرعي دوائن ، ڀاڻ ۽ ٻجن جو ڪڌو ڪاروبار پوري ملڪ اندر وبا جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي.بهرحال نئين سال جي بجيٽ نه عوامي آهي نه وري آبادگارن جي مفادن وٽان آهي جنهن کي آبادگار طبقو رد ڪري چڪو آهي.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ايوانن ۾ ويٺل چونڊيل نمائندا پنهنجا چپ کولين ۽ آبادگارن جي مسئلن جي پوري ريت نشاندهي ڪري انهن کي عوامي بنائڻ لاءِ پنهنجو پورو ڪردار ادا ڪن.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے