15 ہفتہ , دسمبر 2018

هيلٿ ورڪرن کي پگهارون ڏيو

دودو ديشي

جتي 55 کان مٿي گرمي پد هجي جتي ڪانو جي اک نڪرندي هجي جتي ماڻهو ڪنهن باهه جيان محسوس ٿيندا هجن. اتي ان نٽهڻ اُس ۾ ضلعي دادو جي شهر خيرپور ناٿن شاهه جي شهر  ۾ گذريل 29 ڏينهن   کان روزانو هيلٿ ورڪر پنهنجي معصوم ٻارن سميت بک هڙتال تي ويٺل آهن.  هنن مان کوڙ عورتن کي کير پياڪ ٻار به آهن. مان جڏهن حيدر آباد  کان واپس اچي رهيو هوس ته معصوم نياڻين کي ڏسي اچي هنن سان  يڪجهتي طور بک هڙتال تي ويهي رهيس. هنن نياڻين جي عزم ۽ حوصلي کي ڏسي وڏي خوشي ٿي ته پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ گهرجي. جيڪا جستجو انهن نياڻين ۾ موجود هئي. هنن عورتن جا حوصلا، عزم، ارادا بلند هجڻ سان گڏوگڏ منجهن مضبوطي به شامل هئي. پر هي عورتون اهي سڀ ڪجهه محسوس ڪري بهادري ڪندي سرعام ميدان تي بيهي هڪ للڪار بڻجي ويون آهن. جڏهن ته حڪمران اڃا تائين گونگا، ٻوڙا ۽ انڌا ٿي ويا آهن. جيڪي هن آواز کي نه ٿا ٻڌن. هاڻي هي عورتون حڪومت جا اهي ظلم برداشت نه ڪنديون. لطيف جي سٽن وانگر هي هوڪو به ڏين ٿيون ته

آڏو ٽڪر ٽرمتان، روهه رتيون ٿئين. (شاهه)

هوڏانهن باڊهه شهر۾ڇهين ڏينهن کان سخت گرمي ۾ مهانگائي خلاف  شهري اتحاد پاران احتجاج ڪامريڊ قادر بروهي، پپو ڏيرو، نور محمد بليدي، غلام محمد ڀٽي، منور نوناري، صدر الدين مسڻ،  عزيز بروهي، اصغر علي، ساجد علي ڏهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جاري آهي. پر ضلعي انتظاميا ڪوبه نوٽيس نه ٿي وٺي، احتجاج وارن جو مطالبو آهي، ته ريٽ لسٽ مطابق اگهه ورتا وڃن. پر ريٽ لسٽ کان مٿي رمضان مهيني ۾اگهه ورتا پيا وڃن. جنهن ڪري هي احتجاج جاري آهي. باڊهه شهر ۾ بجلي جي لوشيڊنگ، گئس جي لوڊشيڊنگ جاري هجڻ سبب عوام لاءِ عذاب بڻيل آهي. مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي. جيڪا حڪمرانن کي نظر نٿي اچي. مان وري ڳالهه ليڊي هيلٿ ورڪرن جي ڪندس. هي جنهن بهادري سان ميدان ۾ آهن. هڪ ڏينهن پنهنجا مطالبا پورا ڪرائينديون. ان سموري صورتحال ۾اسان سنڌ جي سڀني چونڊيل نمائندن پنهنجي اي سي وارين وڏين گاڏين ۽ بنگلن ۾ آرامي آهن. پر آئون سچ ٿو چوان ۽ سرخ سلام پيش ڪريان ٿو. انهن بهادر سنڌ جي نياڻين ماروي، بختاور، ٻاگهل، اقراءِ کي جيڪي پنهنجي جائز مسئلن جي حل لاءِ جائز مسئلي تي ڪنهن وڏيري مير، پير، ڪنهن وڏيري، چونڊيل نمائندن جي آڻ نه ٿيون مڃين. ۽ جدوجد جي ميدان تي بيٺل آهن.سڄي سنڌ جي 25 هزار هيلٿ ورڪرز جي هڪ مطالبي تي ميدان ملهايون بيٺيون آهن. هنن 25 هزار هيلٿ ورڪرن جو ڏوهه فقط اهو آهي ته هو پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان ڪن ٿيون. ۽ پنهنجي ڪم سان سچيون آهن. انهن وڏن آفيسرن وانگر ڪرپشن نه ٿيون ڪن. هنن کي ٽن ٽن مهينن کان پگهارون نٿيون ڏنيون وڃن. انهن غريب محنت ڪندڙن عورتن سان ناانصافي آخر ڪار ڇو..؟ هنن مطالبو ڇاهي آهي؟ فقط پڪو ڪريون. ٽيم سان پگهارون ڏيو.

جڏهن ته سپريم ڪورٽ پاران جولاءِ 2012ع تي نوٽيس جاري ڪيا ويا ته جنهن واضح اکرن ۾ اهو لکيل آهي، ليڊي هيلٿ ورڪرن کي پڪو ڪري انهن کي آرڊر ڏنا وڃن. ۽ انهن کي وقت سرپگهارون ڏنيون وڃن. پر پاڻ وٽ قانون جي اهميت اها آهي جو  1994ع کان وٺي هن وقت تائين23 سال گذري وڃڻ کان پوءِ به انهن کي پڪو ڪرڻ کان حڪومت ڪيٻائي ٿي. انهن 23 سالن جي عرصي دوران مسلسل سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪيا. مارچون ڪيون. ڪراچي ، حيدر آباد، لاڙڪاڻو، سکر، ميرپور خاص ۾ ڌرڻا هنيا ۽ هڙتالون ڪيون.پر وقت جي حڪمران جي مٿي تي ڪا جونءَ به نه چري آهي. ويتر هنن نياڻين کي ڌمڪايو پيو وڃي ته احتجاجي تحريڪ بند ڪيو. نه ته نوڪرين تان هٿ ڌوئڻا پوندو. پر هنن بهادر نياڻين نوڪري جي پرواهه نه ڪندي احتجاج جاري رکنديون پيون اچن. هاڻي ڳالهه سوچڻ جي هيءَ آهي ته هن بي حسي سماج ۾ هي عورتون ڪيڏانهن وڃن. هي مظلوم هيلٿ ورڪر جيڪي سڄو ڏينهن گرمي هجي، سردي هجي، رات يا ڏينهن هجي، پنهنجي ڊيوٽي کي پنهنجو مقصد بڻائي سماج  جي صحت لاءِ ڪم ڪن ٿيون. ڇا هنن جو داد فرياد ٿيندو..؟ هنن کي انصاف ملندو..؟ هنن کي سينارٽي جي بنياد تي پڪو ڪيو ويندو..؟ سپريم ڪورٽ جي  نوٽيس تي عمل ڪيو ويندو…؟ ڇا غريب مسڪين عورتن جو ڪو داد فرياد ورنائيندو. سنڌ سرڪار کي گهرجي ته هنن مظلوم عورتن جي باري ۾ سوچين. ۽ هنن  کي پڪو ڪري انصاف ڏنو وڃي. موجوده حڪومت کي  وڌندڙ مهانگائي تي ضرور سوچڻ گهرجي. عوام تي رحم ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته  قهر جي گرمي کي برداشت ڪندي هيلٿ ورڪرز ۽ باڊهه جو عوام احتجاج جاري رکندو پيو اچي. پ پ حڪومت کي گهرجي ته ليڊي هيلٿ ورڪرن کي پڪا آرڊر جاري ڪري ۽ ٽائيم تي پگهارون ڏنيون وڃن. ۽ مهانگائي تي ضابطو آندو وڃي. ۽ عوام جي احتجاجن جو نوٽيس  وٺڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ پ پ حڪمرانن کي وري به عوام وٽ اچڻو آهي. تنهن ڪري مظلوم نياڻين کي تڪڙو انصاف ڏنو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنهنجي مادري ٻولي ۾ اڳتي وڌڻ سان ئي ترقي آ

ڊاڪٽر طلحه قريشي ڪنهن به انسان جو ادب ۽ فن سان لاڳاپو هڪ قدرتي عمل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے