12 بدھ , دسمبر 2018

وڏي وزير کي! اگهي سنڌ جي دانهن

محمد خان دائود

وڏي وزير جناح اسپتال جو دورو ڪيو،ان جي دوري دوران وڏي وزير تي اُهي انسان جيڪي مريض نه هُئا .پر اهي اُتي اسپتال جي انتظار گاھ ۾ موجود هُئا.انهن کي اتي پنهنجا پنهنجا سور هُئا اُهي سڀ پنهنجي سورن جي سندن سان اتي موجود هُئا.ڪنهن وٽ ڪا ڊاڪٽر جي پرچي هُئي جنهن تي ڪا دوا لکيل هُئي ته ڪنهن وٽ اُهو اڌ جوس جو هٿ ۾ هُئو جيڪو هو هر دفعي بهانو ڪري ان چوڪيدار کي ڏيکاري اسپتال جي وارڊ ۾ هليو ٿي ويو .جتي ان جو مريض داخل هو ۽ ان کي ان چوڪيدار بار بار اندر وڃڻ نه پئي ڏنو!

جناح جي ان اڱڻ ۾ اُهي انسان به موجود هُئا جنهن جي نظر ان ڳالھه ۾ هُئي ته ڪڏهن ٿا سيلاني وارا اچن ۽ ڪڏهن ٿو لنگر کلي.جناح جي اڱڻ ۾ سڀني کي پنهنجو درد هوندو آهي جنهن لاءِ ڪنهن لکيو آهي ته:

“جس ڪا درد اسي ڪا درد

باقي سڀ تماشائي !“

ان ڏينهن به جناح جي ايمرجنسي گيٽ ۽ وارڊن جي ٻاهران سموري خلق پنهنجي سورن سان موجود هُئي.ڪنهن کي ڊاڪٽرن جا دڙڪا ملي رهيا هُئا ته ڪنهن کي وري پنهنجو ڪو فون ڪري دلاسو ڏئي رهيو هو ڪنهن وٽ واقعي پئسا ختم ٿي ويا هُئا ته ڪو فراڊي پاڻ کي لاڙڪاڻي جو ظاهر ڪري اهو ڏيکاري رهيو هو ته هاڻي ته ان وٽ واپسي جو به ڪرايو ناهي ۽ ان کي ڪرايو ڏنو وڃي،جناح اسپتال جي اندر مريض ته مريض پر وڌيڪ سورن ۾ اُهي انسان هوندا آهن جيڪي انهن جا اٽنٽڊيڊ هوندا  آهن .جناح اسپتال ۾ مريض پراڻي ميري بيڊن تي هوندا آهن جڏهن ته انهن جا اُهي اٽنڊيڊ ان ميري ڪچري جي ڍيرن تي موجود هوندا آهن جنهن ڍيرن تي ڪتا به هلندا پيا آهن ته ڪتيون پنهنجي ڪئي ٻچن سان موجود هونديون آهن اتي مڇر هوندا آهن ته گٽڪي جون بي شمار ٿڪون به!

جڏهن جناح جي اهڙي ماحول ۾ موجود هجن مريض ۽ انهن جا اُهي اٽنيٽيڊ ته اتي وڏي وزير جو اچڻ خوشي جو جهونڪو ڪئين ٿو ٿي سگهي؟

جيڪڏهن وڏو وزير آيو به هوندو اتي موجود انسانن ان کي ڏٺو به تڏهن به گهڻن جو اهيو ئي خيال هوندو ته سائين رمضان ۾ ۽ اهڙي گرمي ۾ بس ڦوٽو سيشن ڪرائڻ آيو هوندو ۽ انهن جي اهيا ڳالهھ ڪيتري حد تائين درست به آهي ڪهلو ڪي سموري اخبارن ۾ سائين جا ڦوٽو ڇپيا آهن سُٺي ڪوريج ملي آهي سائين کي پر انهن مريضن جو ڇا ٿيو جيڪي جناح اسپتال ۾ موجود آهن ۽ ان سنڌ جو ڇا ٿيو جيڪي هڪ ٻه ڏينهن کان نه سالن کان نه پر زماني کان اگهي آهي اهڙي اگهي آهي جو ان کي ڪو به ڊاڪٽر ڏسڻ لا تيار ڪونهي،ڇا ٿيو ان مسرور ملاح جو جيڪو جناح جي ڪنهن وارڊ ۾ داخل هو.۽ سرڪار کي پنهنجي اگهائي جو ٻڌائيندو رهيو پر خبر ناهي ته سرڪار ان جي ڪنهن به اپيل تي ڪن ڌريو يا نه.

وڏو وزير ڀلي جناح لاءِ 3ارب 70 ڪروڙ جي هڪ وڏي گرانٽ منظور ڪري .ڀلي جناح ۾ 12 ملڪن جا مريض علاج لاءِ ايندا هجن.ڀلي سرجيڪل ڪمپليڪس لاءِ اضافي 70 ڪروڙ منظور ٿيا هجن.ڀلي وڏي وزير ڪينسر جي علاج لاءِ وڏي رقم رکجي هجي ڀلي  جناح ۾ جديد مشينري آندي وئي هُجي.پر اسان هتي وڏي وزير کان بس اهو ٿا معلوم ڪرڻ چاهيون ته سنڌ هڪ زماني کان اگهي آهي ان اگهي سنڌ جو علاج ڪڏهن ٿيندو ۽ ڪير ڪندو؟

اهي ماروئڙا ماڻهو جيڪي پنهنجي مريض کي ڪراچي ڪڻائي ايندا آهن انهن وٽ ته ڪرائي جا پئسا به نه هوندا آهن هو پنهنجي گهر ۾ ٻڌل آخري ڍور به وڪڻي ڪرائي تي ڪا ڊاٽسن ڪري پنهنجي مريض کي جناح تائين آڻيندا آهن جڏهن اهي پنهنجي مريض کي جناح تائين آڻي چڪا هوندا آهن ته جناح وارا انهن کي اتي برداشت ئي نه ڪندا آهن اُهي وري انهن کي سول اسپتال جو ڏس ڏئي ڇڏيندا آهن اُهي جهانگيڙا ڳوٺن جا سڌا ماڻهو پاڻ سان کڻي آيل ڪجهھ پيسا ته اتي ئي اڳتي پوئتي ٿيڻ ۾ پورا ڪري ڇڏيندا آهن ۽ واپس وري ان مريض کي اهڙو ئي اگهو کڻي ويندا آهن. ته جناح اسپتال سنڌ لاءِ يا سنڌ جي ڳوٺاڻن لاءِ ڪئين ڪارائتي ثابت ٿيندي؟!

وڏو وزير جناح آيو واھ واھ ٿي وئي ڦوٽو نڪتا اخبارن ۾ آيا وڏي وزير پنهنجي پي آر او کي شاباس ڏني،ڳالھه ان کان اڳتي بلڪل به نه وڌي ڇو جو ڪجھه عرصو پهرين جڏهن ڪراچي ته ايم ڪيو ايم جي بدمعاشي هلندي هُئي تي انهن جي جناح اسپتال ۾ هڪ ڪميٽي هوندي هُئي جيڪا يونٽ انچارج هلائيندا هُئا پوءِ جتان به مريض ايندو هو ان لاءِ اتان جو يونٽ انچارج ان ميڊيڪل ڪميٽي کي فون ڪندو هو ته ان جو علاج تڪڙو ۽ صحيح ٿي ويندو هو باقي جيڪا سنڌي سنڌ جي ڏورانهن علائقن مان ڇڏيو پر جيڪي ڪراچي مان جناح ايندا هُئا انهن جو به علاج نه ٿيندو هو،يا ته سنڌي مريض مري ويندا هُئا.يا واپس موٽي ويندا هُئا، يا انهن کي ڪراچي جي سول اسپتال لاءِ موڪليو ويندو هو تڏهن ڪٿي هُئي سنڌ سرڪار؟!

يا هاڻي مسرور ملاح يا ان کان پهرين ممتاز رڏ يا ان کان پهرين رزاق عاصي جي ٻار جو علاج نه ڪرڻ اهي سڀ واقعا جناح اسپتال ۾ ٿي چڪا آهن.ڪجھه سال پهرين تائين جناح ۾ ڊائريڪٽر کان ويندي هڪ پٽيوالي تائين سڀ ڀائي لوڪ هيا.اهڙي حالت ۾ اگهي سنڌ ڪيئن ٿي جناح مان پنهنجو علاج ڪرائي سگهي؟!

سنڌ ته تڏهن به جناح جي در تائين ايندي رهي آهي پر ان کي ان در تان ئي موٽايو ويو آهي.سنڌ ته جناح جي در تان ڪئي ڀيرا واپس ٿي آهي پر مُئي ناهي پر انهن مريضن جو ڇا جيڪي سنڌ جي مختلف ڳوٺن مان جناح جي در تائين آندا ويا آهن پر جڏهن انهن کي جناح ۾ علاج جي سهولت نه ملي ته انهن پنهنجون سون جهڙيون حياتون انهن ڪرائي جي گاڏين ۾ ئي وڃائي ڇڏيون جئين آندا ويا اُهڙا ئي واپس ٿيا .جڏهن انهن جا بيمار اگها ۽ اداس لاش سنڌ جي ڪنهن پراڻي مقام ۾ پوريا ويا ته انهن جي ٻارن ڀٽائي جي اهڙي صدائن ۾ پار ڪڍيا ته:

“مران،مٿو پٽيان،

نهاريان نيڻيان،

سخن جي سندان،

آءُ نه جئيندي اُن ري!“

واقعي هو ٻار پنهنجي انهن والدين کان بغير ڪيئن ٿا رهي سگهن جيڪي پنهنجي گهران اگها ويا هُئا جناح اسپتال جي ظالم انتظاميا انهن کي علاج کان روڪيو ۽ هو مري ويا. اهي ڳالهيون ايترو پراڻيون ناهن جو سڀني کان وسري وڃن اهي ته اهڙيون ڳالھيون آهن جو وڏي وزير جي جناح جي دوري تي ياد پيون آهن ۽ شدت سان ٿاد پيون آهن.

وڏو وزير ته دورو ڪري آيو جناح جي ان انتظاميا سان هڪ مٽينگ به ڪئي پر ان ڳالھه جي ڪير ضمانت ڏيندو ته اها انتظاميا اگهي سنڌ جو علاج به ڪندي؟اها اگهي سنڌ جيڪا مسرور ملاح آهي .اها اگهي سنڌ جيڪا هڪ شاعر آهي.اها اگهي سنڌ جيڪا ساڪري جي ڳوٺ آچار شوري جا اُهي مصوم ٻارآهن جنهن کي پهرين ته ڪنهن ڊاڪٽرن ڏٺو ئي نه پر جڏهن ڊاڪٽرن ڏٺو ته اهيو چئي جواب ڏئي ڇڏيو ته انهن جو علاج نه ٿيندو.اُها اگهي سنڌ جيڪا ڪيٽي جي بندر کان ويندي جهمپير جي کجين تائين سموري بيمار آهي.اها سنڌ جيڪا ڪشمور کان ويندي لاڙ جي آخري ڳوٺ تائين سموري بيمار آهي، اها سنڌ جنهن جي بيمارن جا ڦوٽو روز اخبارن جي زينت بڻجن ٿا.اها سنڌ جنهن جو ڪو جيرو خراب آهي ته ڪنهن کي ڪاري سائي آهي.اها سنڌ جيڪا خوراڪ جي کوٽ جي ڪري سموري ٿر ٿي پئي آهي.اها سنڌ جنهن جا ٻار سڀئي اگها آهن انهن اگهن ٻارن کي ڪير بنون نمرو ڪندو؟!!!

اها سنڌ جنهن جا معصوم ٻار بک ۽ بيماري جي ڪري ٿر جي رڻ ۾ دفن ٿي رهيا آهن انهن معصوم ٻارن جو علاج ڪير ڪرائيندو ۽ انهن مائرن جي مُک تي مرڪ ڪير آڻيندو.اها سنڌ بيمار آهي ان لاءِ وڏي وزير کي ڪنهن راڪٽ سائين پڙهڻ جي ڪا به ضرورت ناهي بس هڪ ڏنيهن جو سنڌي اخبارون ڏسي ته وڏي وزير کي خبر پئجي ويندي ته سنڌ ڪيتري اگهي آهي.

اُها اگهي سنڌ پنهنجي وڏي وزير کان اهو معلوم ڪرڻ چاهي ٿي ته ان جي بيمارين مان جند ڪڏهن آجي ٿيندي

اها بيمار سنڌ مان به آهيان ته تون به آهين!

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے