16 اتوار , دسمبر 2018

آءِ سي سي چيمپينز ٽرافي ۾ سريلنڪا جي پاڪستاف خلاف بيٽنگ

ڪارڊف( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي چيمپينز ٽرافي جي اهم ميچ ۾ سريلنڪا پاڪستان خلاف بيٽنگ ڪري رهي آهي. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي پهريون سريلڪن ٽيم کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. سريلنڪن جي ٽيم جارحاڻي انداز سان اسڪور اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پر جنيد خان گنا ٺليکا کي 13 رنسن تي پويلين جو رستو ڏيکاريو. جنيد خان سان گڏ محمد عامر به سريلنڪن بيٽسمين تي دٻاءُ برقرار رکيو. سريلنڪا جي ٽيم پهرين 10 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 50 رنسون ٺاهي سگهي. اهڙي نموني پاڪستان سريلنڪن رنس مشينن کي پهرين اوورن ۾ وڏي اسڪور کان روڪي ورتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي سي بي پاڪستان سپر ليگ فور جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو

llلاهور ( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايسل ايل فور لاءِ شيڊول جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے