13 منگل , نومبر 2018

حسن علي چيمپيئنز ٽرافي ۾ وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ ٽيون بالر

ڪارڊف (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو نوجوان فاسٽ بالر حسن علي چيمپيئنز ٽرافي 2017ع ۾ وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ جي فهرست ۾ ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي. چيمپيئنز ٽرافي ۾ حسن علي جي بهترين ڪارڪردگي جو سلسلو جاري آهي، هن ڪالهه سريلنڪا خلاف اهم ميچ ۾ ٽي وڪيٽون ورتيون، جنهن کانپوءِ حسن علي چيمپيئنز ٽرافي ۾ وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالرن جي فهرست ۾ ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي. قومي فاسٽ بالر هيل تائين 7 وڪيٽون وٺي چڪو آهي. ان فهرست ۾ آسٽريليا جو جوش هيزل ووڊ ٽاپ تي آهي، جنهن 9 شڪار ڪيا، جڏهن ته انگلينڊ جو ليام پلنڪيٽ 8 وڪيٽون وٺي ٻئي نمبر تي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

PCB Chairman Ehsan Mani will be visiting Karachi tomorrow

پي سي بي چيئرمين احسان ماني سڀاڻي ڪراچي پهچندو

ڪراچي ( اسپورٽس نيوز ) پي سي بي چيئرمين احسان ماني پهرين دوري تي ڪراچي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے