11 منگل , دسمبر 2018

پني عاقل ميمبر شپ مهم ۾ خورشيد شاهه ۽ ڄام اڪرام الله ۾ سياسي جنگ تيز

پنوعاقل (ن ع آ) پني عاقل ۾ ميمبر سازي مهم تيزي سان جاري آهن، عهدا ماڻڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن سيد خورشيداحمد شاھه ۽ ڄام اڪرام الله  ڌاريجو وچ ۾ سياسي جنگ تيز ٿي وئي آهي،ذريعن جو چوڻ آهي ته   صوبائي وزير ۽ گھوٽڪي ضلعي ۾ پ پ پ جي جنرل سيڪريٽري ڄام اڪرام الله  ڌاريجو جي  گروپ ۾  ضلعي صدر جاويد شاهھ،انفارميشن سيڪريٽري لياقت خالدي پاران ٽائون چئيرمين شبير احمد شيخ، بختياورخان چاچڙ، ميان عبدالقوي انڍڙ، اسد بوزدار، وڪيل خان ڌاريجو،حافظ عزيز الله  ڀٽو، اسد محمدي، رفيق انڍڙ ۽ غوث بخش انڍڙ سميت ٻيا اڳواڻ شامل آهن، جن فارم ورهائڻ جو ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي جڏھن ته سيد خورشيد احمد شاھه جي  پئنل ۾  سندس ڀائيٽيو ايم پي اي ۽ ضلعي سکر جو جنرل سيڪريٽري سيد اويس قادر شاھه ڊاڪٽر آفتاب حسين سومرو،گلزار احمد شيخ، ڊاڪٽر ھري لعل ڀاڳيا، ٽائون جو وائيس چئيرمين بيشم لعل، فريد احمد شيخ، ميان عابد انڍڙ، خان محمد چاچڙ، اشفاق چاچڙ، شاھنواز مھر، محمد ياسين انڍڙ، حاجي ظھور ڪورائي، سيد رکيل شاھه ،پير ولي الله  ھاليجوي، زاھد مھر، مولوي محمد سمائر، مولاداد جتوئي، ارشاد سومرو، خالد مھتم، عبدالله  جھلڻ،ن واز چاچڙ،راشد سومرو، منظور ميتلو ۽ ٻيا شامل آهن، جن  ڳوٺ ڳوٺ ۾ وارڊ کان تعلقي تائين ميمبر سازي جو ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي ،ان ڏس ۾ ھتي ٻن پينل پاران الڳ الڳ پيپلز پارٽي جو فارم ڀرجڻ وارو ڪم ڏسندي پارٽيءَ سان لاڳاپيل ڪيترائي ڪارڪنن اڳوڻو صدر غلام قادر شيخ، ڪامريڊ مجيب الرحمان ڀٽو، علي مراد جتوئي، شاھد ڪورائي،نارائڻ داس،شاھنواز ملڪ ۽ ٻين  وچون رستو اختيار ڪري ورتو آھي.06

هي به ڏسي سگهو ٿا

مرتضٰي وهاب ايپڪس ڪاميٽي مان گورنر کي ڪڍڻ وارو تاثر رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضٰي وهاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے