18 اتوار , نومبر 2018

چئمپينز ٽرافي ۾ ناڪامي باوجود ڪپتاني جاري رکڻ چاهيان ٿو: اي بي ڊيويليئرز

اوول(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريقن ٽيم جي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽسمين اي بي ڊي ويليئرز چيو آهي ته آءِ سي سي چئمپينز ٽرافي ۾ ناڪامي باوجود ٽيم جي قيادت جاري رکڻ چاهي ٿو، هن چيو ته مان سٺو ڪپتان آهيان ۽ هاڻي منهنجو هدف ٽيم کي 2019ع ون ڊي ورلڊ ڪپ جو ٽائٽل کٽرائڻ آهي، پاڻ تي پورو يقين آهي ۽ هن کي لڳي ٿو ته هو ڏکڻ آفريقن ڪرڪيٽ جي قسمت تبديل ڪري سگهي ٿو. پروٽيز ٽيم چئمپينز ٽرافي ۾ ڀارت هٿان شڪست کانپوءِ ٽائٽل جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي وئي، چئمپينز ٽرافي ۾ مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي کانپوءِ به ڊي ويليئرز پنهنجي قيادت جو دفاع ڪندي نظر آيو، هن چيو ته هو ون ڊي ٽيم جي قيادت کي جاري رکڻ چاهي ٿو، هميشه ڪوشش رهندي ته ٽيم کي فرنٽ کان ليڊ ڪندي ان کي فتح ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪريان. هن چيو ته مان ٽيم کي اڳتي وٺي وڃي سگهان ٿو ۽ منهنجي دل چوي ٿي ته ٽيم 2019ع وارو ورلڊ ڪپ کٽي نئين تاريخ لکڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي، ان چيو ته خراب بيٽنگ ڀارت هٿان شڪست جو سبب بڻي، اسان کي غلطين مان سبق سکڻ جي گهرج آهي، اميد آهي ته رانديگر مستقبل ۾ ٿيڻ وارين ميچز ۾ غلطيون نه دهرائيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

India vs Ireland, Highlights ICC Women's World T20: India Beat Ireland To Reach Semi-Finals

وومينز ورلڊ ٽي ٽوئنٽي: آسٽريليا جو ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جو آئرلينڊ سان مقابلو

 پروويڊنس (ويب ڊيسڪ )  آءِ سي سي وومينز ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ڪپ ۾ اڄ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے