16 جمعہ , نومبر 2018

پاڪستان انگلينڊ کي هوم گرائونڊ تي ڌوڙ ڪري چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل ۾ پهچي ويو

ڪارڊف (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽيم انگلينڊ کي چيمپيئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي آهي. چيمپيئنز ٽرافي جي پهرين سيمي فائنل ميچ ڪارڊف ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو درست ثابت ٿيو ۽ سڄي انگلش ٽيم 49.5 اوورن ۾ 211 رنسن تي ڍير ٿي وئي. انگلينڊ طرفان روٽ 46، بيئراسٽو 43، بين اسٽوڪس 34 ۽ ڪپتان اين مورگن 33 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا. پاڪستان طرفان حسن علي بهترين بالنگ ڪرائيندي 3 وڪيٽون ورتيون، جنيد خان ۽ رومان رئيس 2-2، جڏهن ته شاداب خان هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ قومي ٽيم 37.1 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي ٽارگيٽ پورو ڪري نه رڳو ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي پر ايونٽ جي فائنل ۾ پڻ جڳهه ٺاهي ورتي آهي. پاڪستان طرفان نوجوان اوپننگ بيٽسمين فخر زمان هڪ ڀيرو ٻيهر بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ففٽي اسڪور ڪئي. هو 57 رنسن جي شاندار اننگ کيڏڻ کانپوءِ عادل رشيد جو شڪار بڻيو، جڏهن ته فخر زمان سان گڏ اننگ اوپن ڪندڙ اظهر علي پڻ 76 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي، جنهن کانپوءِ بابر اعظم ۽ محمد حفيظ ميچ جي پڄاڻي ڪئي. بابر اعظم 38 ۽ محمد حفيظ 31 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. انگلينڊ طرفان مارڪ ووڊ ۽ عادل رشيد هڪ – هڪ وڪيٽ وٺي سگهيا. حسن علي کي بهترين بالنگ ڪرائڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوستي تي معاملا نه هلندا، وزيراعظم کي بي لغام اختيار نه آهن: چيف جسٽس

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار زلفي بخاري مقرري ڪيس ۾ رمارڪس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے