15 جمعرات , نومبر 2018

سپريم ڪورٽ ۾ عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  سپريم ڪورٽ پاناما عمل درآمد ڪيس جي ٻڌڻي اٽارني جنرل ۽ جي آءِ ٽي ميمبرن جي مصروفيت جي ڪري سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. جسٽس اعجاز افضل خان جي سربراهي ۾ پاناما عمل درآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ کي اڄ حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ ۽ جي آءِ ٽي جي جاچ ۾ رنڊڪن بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪرڻي هئي، تنهن هوندي عدالتي ڪارروائي ۾ وقفي دوران اٽارني جنرل جسٽس اعجاز افضل جي چيمبر ۾ پيش ٿيو ۽ ان ٻڌايو ته سينٽ ۾ مصروفيت جي ڪري عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهندو. اٽارني جنرل جي درخواست تي جسٽس اعجاز افضل چيو ته اڄ صبح جي آءِ ٽي ميمبرن طرفان پيغام آيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي جا ميمبر ساڍي سارهين وڳي تائين عدالت نه اچي سگهندا، ان ڪري بهتر ٿيندو ته ٻڌڻي سومر جي ڏينهن رکي وڃي، جنهن تي اٽارني جنرل عدالت کي يقين ڏياريو ته سومر تي مصروفيت آهي پر هو عدالت ۾ پيش ٿي ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب چيئرمين سيف سٽي منصوبو غير فعال هجڻ جو نوٽيس ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال سيف سٽي منصوبو غير فعال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے