15 جمعرات , نومبر 2018

ميهڙ ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، هڪ نوجوان قتل ۽ هڪ ڄڻو زخمي

ميهڙ(ويب ڊيسڪ) ميهڙ ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، هڪ نوجوان قتل ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.گاهي مهيسر چوڪ وٽ عيدگاهه ڀرسان جوابدارن هوٽل ٻاهران ويٺل ٻن ڄڻن تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب ٻه ڄڻا  علي گوهر کوسو ۽ سندس چاچو فقير محمد کوسو سخت زخمي ٿي پيا.زخمين کي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي نوجوان علي گوهر کوسو زخمن جا سور  نه سهندي فوت ٿي ويو، فقير محمد کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾  لاڙڪاڻي نيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول علي گوهر پنهنجي برادري جي هڪ ڇوڪري سان گهران نڪري وڃڻ بعد پيار جو پرڻو ڪيو هيو. جنهن تان اڄ مٿن حملو ڪيو ويو .مقتول نوجوان جو مڙهه پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ، نوجوان جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

گم ٿيل ماڻهن کي  بازياب نه ڪرايو ته پوليس آفيسرن کي جيل موڪلبو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته پوليس گم ٿيل ماڻهن کي بازياب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے