16 جمعہ , نومبر 2018

وزير اعظم جي صدارت هيٺ اجلاس: سياسي محاذ آرائي تي جارحاڻو انداز اختيار ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جي آءِ ٽي ۾ پيشي کان پوءِ وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ مشاورتي اجلاس ٿي گذريو. حڪومت سياسي محاذ آرائي تي جارحاڻو انداز اختيار ڪرڻ ۽ مخالفن کي ڀرپور جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزير اعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف، سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، خرم دستگير، عابد شير علي ۽ آصف ڪرماڻي سميت ٻين اهم اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ليگي قيادت اڳتي لاءِ حڪمت عملي تي غور ۽ ميمبرن سان ڳالهيون ڪيون. وزير اعظم نواز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته احتساب کان ڪڏهن به گھٻرايو ناهي ۽ نه ئي وري اڳتي گھٻرائيندسين. قانون جي حڪمراني جي لاءِ اڳتي به پيش ٿيندا رهنداسين. هميشه احتساب کي منهن ڏنو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے