17 ہفتہ , نومبر 2018

هڪ ڪرڪيٽ جي شوقين وهاب رياض کي نيلامي لاءِ ويب سائٽ تي رکي ڇڏيو

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي هڪ ڪرڪيٽ جي شوقين فاسٽ بالر وهاب رياض کي نيلامي لاءِ ”اي بي“ نالي ويب سائٽ تي رکي ڇڏيو. فاسٽ بالر وهاب رياض جي مايوس ڪندڙ پرفارمنس تي ڪنهن ”اي بي“ تي ان کي وڪڻڻ لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ان سان گڏ لکيو آهي ته مونکي هن جي وڌيڪ ضرورت ناهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جيستائين اي بي انتظاميا ان ويب سائٽ تان کيس هٽائي تيستائين 54 ٻوليون به لڳي چڪيون هيون، ان ۾ هڪ 610 آسٽريلوي ڊالرن جي ٻولي به ڏني. واضح رهي ته هي پنهنجي نوعيت جو پهريون واقعو آهي، وهاب رياض چئمپينز ٽرافي ۾ ڀارت خلاف 8 اوورن ۾ 87 رنسون ڏنيون هيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڪي عالمي ڪپ: پاڪستان رانديگرن کي ويزائون جاري، ڪوچ اوسيئڙي ۾

 لاهور ( اسپورٽس نيوز ) هلندڙ مهيني ڀارت ۾ شروع ٿيندڙ هاڪي عالمي ڪپ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے