17 ہفتہ , نومبر 2018

سڀاڻي پاڪستاني ٽيم ڪوهلي اليون سان دنگل لاءِ تيار، سرفراز اليون حڪمت عملي جوڙي ورتي

لنڊن(اسپورٽس نيوز) چئمپينز ٽرافي فائنل ۾ روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت خلاف وڏو مقابلو سڀاڻي آچر ڏينهن ٿيندو. سرفراز اليون ڪوهلي اليون کي گهيري ۾ وٺڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي، فيصلي ڪندڙ مقابلي ۾ شاداب خان جي جڳهه تي محمد عامر کي کيڏائڻ جو امڪان آهي. فائنل کان پهريان قومي ٽيم اوول ڪرڪيٽ گرائونڊ تي سخت پريڪٽس ڪئي. گرين شرٽس انگلينڊ کي شڪست ڏئي ٽائٽل طرف قدم وايو هو جڏهن ته بلو شرٽس بنگلاديش کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي، پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جو چوڻ آهي ته بالرن انگلينڊ خلاف بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري، فيلڊر به ڀرپور ساٿ ڏئي رهيا آهن، بيٽنگ جي فارم به واپس آئي آهي، سيمي فائنل ۾ سينيئر اظهر علي ۽ محجمد حفيظ سان گڏ بابر اعظم به بهترين پرفارم ڪئي، فخر زمان لاڳيتو ٽيم کي جارحاڻي شروعات فراهم ڪري رهيو آهي، اميد آهي ته اهو جذبو ۽ ڪارڪردگي برقرار رکندي فائنل به کٽنداسين. ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي جو چوڻ آهي ته بيٽنگ ايتري مستحڪم آهي جو مڊل آرڊر کي ميدان ۾ لاهڻ جي تڪليف گهٽ ڪرڻي پوندي آهي، ٽيم لاڳيتو وڏو اسڪور ٺاهي رهي آهي، بالر به سٺي فارم ۾ آهن، سيمي فائنل ۾ بنگلاديش جي بيٽنگ لائن کي ڪنهن موقعي تي به کلي کيڏڻ نه ڏنو، پاڪ ڀارت مقابلا هميشه وڏا ٿيندا آهن پر هڪ متوازن اسڪواڊ جي موجودگي ۾ اسان کي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪرڻ ۾ ڪا مشڪل نه هئڻ گهرجي. پاڪستاني ٽيم سان ميچ جو وڌيڪ دٻاءُ هئڻ جي سوات تي ويرات ڪوهلي چيو ته بلو شرٽس پهريان به ڪيترن ئي وڏن مقابلن ۾ پريشر هئڻ باوجود ڪاميابي ماڻي چڪي آهي، هن چيو ته منهنجي خيال ۾ هن ڀيري به ايئن ڪا پريشاني نه ٿيندي، سڀ رانديگر فائينل جو بي صبريءَ سان انتظار ڪري رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڪي عالمي ڪپ: پاڪستان رانديگرن کي ويزائون جاري، ڪوچ اوسيئڙي ۾

 لاهور ( اسپورٽس نيوز ) هلندڙ مهيني ڀارت ۾ شروع ٿيندڙ هاڪي عالمي ڪپ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے