15 جمعرات , نومبر 2018

پاڪ-ڀارت فائنل ۾ محمد عامر جي واپسي

لنڊن(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر محمد عامر مڪمل فٽ ٿي ويو آهي ۽ ڀارت خلاف 18 جون تي چئمپينز ٽرافي 2017ع جي فائنل ۾ ٽيم جو حصو هوندو. پي سي بي ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد عامر فٽ آهي ۽ ڀارت خلاف ميچ ۾ شرڪت ڪندو. کاٻي هٿ سان بالنگ ڪرائيندڙ محمد عامر ڪالهه لنڊن جي تاريخي اوول ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ پاڪستاني ٽيم سان گڏ پريڪٽس سيشن ۾ حصو ورتو ۽ ڀرپور ڀريڪٽس ڪندي نظر آيو. ياد رهي ته محمد عامر چيلهه جي تڪليف ۾ مبتلا هو جنهن سبب ان کي انگلينڊ خلاف ميچ ۾ آرام ڏنو ويو هو جڏهن ته ان جي جاءِ تي هڪ ٻئي کاٻي هٿ جي بالر رومان رئيس کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو هو. پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ چئمپينز ٽرافي 2017ع جو فائنل آچر تي اوول جي ميدان ۾ کيڏيو ويندو. ياد رهي ته ڀارت خلاف ايونٽ جي گروپ ميچ دوران به چئمپين بالر محمد عامر چيلهه ۾ تڪليف سبب پنهنجي بالنگ اسپيل مڪمل نه ڪري سگهيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات ٿي وئي آهي جڏهن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے