16 جمعہ , نومبر 2018

ڀارت کي هارائڻ لاءِ ڀرپور تياري ڪري رهيا آهيون: سرفراز احمد

لنڊن(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جو چوڻ آهي ته ڀارتي ٽيم کي هارائڻ لاءِ ٽيم ڀرپور تياري ڪري رهي آهي. اسان فائنل ۾ ڀارت کي شڪست ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جو چوڻ آهي ته پاڪستنا کي ڪوبه فيوريٽ قرار نه ڏئي رهيو هو، پر اسان هر شعبي ۾ بهترين راند ڏيکاري، اسان فائنل ۾ ڀارت کي شڪست ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. ان چيو ته نوجوان فاسٽ بالر هسن علي بهترين ڪارڪردگي پيش ڪري رهيو آهي، اميد آهي ته ڀارت خلاف بهترين پرفارمنس جو مظاهرو ڪنداسين. محمد عامر جي جاءِ تي ٽيم ۾ شامل ٿيندڙ رومان رئيس به سٺو بالر آهي. ان جي ٽيم ۾ شامل ٿيڻ سان بالنگ جو شعبو وڌيڪ مضبوط ٿي ويو آهي. محمد عامر جي حوالي سان ان چيو ته عامر جي انجري به وڌيڪ خطرناڪ ناهي ۽ اميد آهي ته هو فائنل ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي سي بي، پي ايس ايل جي ٽائٽل اسپانسر جو باقاعده اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان سپر ليگ  (پي ايس ايل) جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے