16 جمعہ , نومبر 2018

چيمپيئنز ٽرافي جو فاتح ڪير فيصلو سڀاڻي ٿيندو

ڪراچي(س-ا-س) آءِ سي سي چمپيئنز ٽرافي 2017 جو فائنل هجي ۽ مقابلو هجي روايتي مخالفن ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾،  اهو ڪرڪيٽ سان چاهه رکندڙن لاءِ هڪ اهڙو خواب آهي جيڪو لنڊن جي اوول ڪرڪيٽ گرائونڊ تي سڀاڻي پورو ٿي رهيو آهي. هي خواب رڳو ڪرڪيٽ سان چاهه رکندڙن جو خواب نه پر انهن ادارن، واپارين، اشتهاري ڪمپنين ۽ ٽي وي چينلن جو به آهي جن جا هن ميچ سان مالي فائدي جا مفاد پڻ جڙيل هوندا آهن.راند ۾ ڪير به کٽي يا هاري ادران، اشتهاري ڪمپنين ۽ ٽي وي چينلن جو رڳو منافعي سان مطلب هوندو آهي، پر ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ سان چاهه رکندڙن لاءِ هي مقابلو زندگي موت جي بازي کان گهٽ ناهي.جيڪڏهن هڪ نظر ٻنهي ٽيمن جي موجودا آءِ سي سي رينڪنگ، گذريل عرصي ۾ ٽيمن جي ڪارڪردگي، عالمي مقابلن ۾ ٽيمن جو رڪارڊ، ٻنهي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ راند جي صورتحال، بيٽسمين جي ايوريج ۽ رانديگرن جو تجربي تي وجهجي ته ڀارتي ٽيم پاڪستان کان گهڻو اڳتي بيٺل نظر ايندي، رانديگرن جي عمرن جي اعتبار کان پاڪستاني ٽيم ان لحاظ کان بهتر آهي جيڪا نوجوان ٽيم آهي پاڪستاني رانديگرن جي عمر ڀارتي رانديگرن جي عمر جي مقابلي ۾ هڪ سال گهٽ آهي ڀارتي ڀارتي ٽيم جي رانديگرن جي سراسري عمر 29 سال آهي جڏهن ته پاڪستاني رنديگرن جي سراسري عمر 28 سال آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ شامل فخر زمان، فهيم اشرف، شاداب خان، حسن علي ۽ رومان رئيس اهڙو نئون رت آهي جنن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي کيڏڻ جي انداز ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. پهرين جون کان شروع ٿيندڙ هن ٽورنامنٽ ۾ڀارتي ڪپتان وارٿ ڪوهلي پنهنجي ٽيم جي ٽائٽل جو دفاع ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سرفراز احمد پهريون ڀيرو ڪنهن آءِ سي سي ايونٽ ۾ پاڪستاني ٽيم جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. پاڪستاني ٽيم به پهريون ڀيرو چيمپيئنز ٽرافي جو فائنل کيڏي رهي آهي، پهرين جون کان شروع ٿيندڙ مقابلن ۾ ڀارتي ٽيم سواءِ سريلنڪا کان باقي سمورن مقابلن ۾ پراعتماد طريقي سان ڪاميابيون ماڻي فائنل ۾ پهتي آهي،پاڪستان پنهنجو پهرين ميچ ۾ ڀارت هٿان بدترين شڪست کائي ٿڙي ٿاٻڙي سيمي فائنل ۾ پهتي، پر سيمي فائنل ۾ پاڪستان ٽيم هڪ مضبوظ ۽ شينهن جيان گجگوڙ ڪندي نظر آئي جنهن ٽورنامنٽ جي فيورٽ ۽ ميزبان انگلينڊ کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهتي آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چاهيندڙن جون اميدون، دعائون هڪ طرف پر ڪرڪيٽ ماهرن به پاڪستان کي ”رائٽ آف“ ناهن ڪري رهيا، تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ٽيم سرپرائز ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ جي اڳوڻي ڪپتان ۽ عظيم بيٽسمين برائن لارا هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ پاڪستان ٽيم تي اعتماد ڪندي چيو ته پاڪستان ٽيم دنيا کي حيران ڪري سگهي ٿي، هڪ اهڙي ٽيم جنهن کي ٽورنامنٽ شروع ٿيڻ کان اڳ ڪير ڪنهن کاتي ۾ به نه پيو آڻي پر پاڪستان ٽيم ۽ خاص ڪري نوجوانن جهڙي نموني سان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي، ان سان ڪرڪيٽ اڪسپرٽ حيران ۽ دنگ رهجي ويا آهن، پاڪساني نوجوان فاسٽ بالرن جي نالي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪامينٽيٽر رميز راجا چيو آهي ته ٽورنامنٽ ۾ شامل سمورين ٽيمن مان پاڪستان جا بالر ئي ريورس سوئنگ ڪري رهيا آهن ، اهو ئي سبب آهي جو حسن علي هن ٽورنامنٽ ۾ سڀ وڌيڪ 10 وڪيٽون وٺي پهرين نمبر تي آهي، سريلنڪا، ڏکڻ آفريڪا، ۽ انگلينڊ خلاف حسن علي ٽي ٽي وڪيٽون ورتيون انهن ٽنهي ميچن ۾ سندس رنسون ڏيڻ جي ايورج به بهتر رهي، محمد عامر جيڪو چيلهه ۾ تڪيلف سبب انگلينڊ خلاف سيمي فائنل نه کيڏي سگهيو هو سو ڀارت خلاف ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو، ڀارتي بيٽسمين جڏهن پهرين ميچ ۾ پاڪستان خلاف بائونڊرين جي برسات ڪري رهيا هئا ان وقت به محمد عامر اٺن اوور ڪرائي رڳو 32 رنسون ڏنيون هيون. جنيد خان جڏهن آخري ڀيرو ڀارت خلاف ڀارت ۾ ون ڊي سريز کيڏيو هو ته ڀارت جي بي جان وڪيٽن تي ته هن لڳاتار ٽي ڀيرا وارٿ ڪوهلي کي آئوٽ ڪيو هو، هن ٽورنامنٽ جي گروپ ميچن ۾ پاڪستاني بالرن ڏهين کان چالهين اورن دوران 16 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو آهي ۽ رنسون ڏيڻ جي ايوريج کي به پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکيوآهي ان دوران پاڪستاني بالرن جي رنسون ڏيڻ جي ايوريج 4.4 رهي آهي. انگليڊ جا بيٽسمين جيڪي آسٽريليا توڙي نيوزيلينڊ جي ٽمين جي بالرن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريا چڪا هئا. سيمي فائنل ۾ پاڪستاني بالينگ اٽيڪ اڳيان سندن هڪ به نه هلي، سڄي ٽيم پاڪستان بالرن اڳيان بي بس نظر آئي انگلينڊ 30 هين کان 40 هين اورن جي وچ ۾ رڳو 28 رنسون جوڙي سگهي، هاڻي ٿورو هن ٽورنامنٽ ۾ ڀارتي بالرن جي ڪارڪردگي ته هڪ نظر ڦيرائجي ته سريلنڪا جي خلاف گروپ ميچ ۾ ڀارت کي شڪست نصيب ٿي هئي، ان ميچ ۾ ڀارتي بالر رڳو هڪ سريلنڪن رانديگر کي آئوٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيا هئا جڏهن ته ٻه رانديگر رن آئوٽ ٿيا هئا.سرلنڪا ڀارت خلاف 300 کان وڌيڪ رنسن جو ٽارگيٽ آساني سان حاصل ڪرڻ ڀارتي بالينگ اٽيڪ جي ڪمزوري کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪڏهن بيٽنگ جي ڳالهه ڪجي ته ڀارتي بيٽسمينن جي باري ۾ گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو جيڪي ڀرپور فارم ۾آهن، شکر ڌون جيڪو ٽورنامنٽ جو ٽاپ اسڪورر آهي هڪ سنيچري ٻن اڌ سينچريون جي مدد سان 173رنسون ٺاهي چڪو آهي ۽ روهت شرما سيمي فائنل ۾ سينچري اسڪور ڪري 304 رنسون سان ٽورنامنٽ ۾ ٻئي نمبر تي آهي، ،ڀارتي ڪپتان وارٿ ڪوهلي به پنهنجي ڀرپور فارم ۾جنهن ٽن اڌ سينچرين جي مدد سان 254 رنسو ٺاهيون آهن. جڏهن ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جا بيٽمسين نه رڳو هن ٽورنامنٽ پر ان کان اڳ به ڀارتي بيٽسمينن جي مقابلي ۾ گهڻو پوئتي آهن،ٽورنامنٽ جي شروعاتي ڏهن رانديگرن مان اڳوڻ ڪپتان اظهر علي واحد بيٽسمين آهي جيڪو 184 رنسون جوڙي نائين نمبر تي موجود آهي، پر پاڪستان جو نوجوان بيٽسمين مستقبل جي اميد فخر زمان جنهن جو ڪريئير هن ئي ٽورنامنٽ ۾ شروع ٿيو آهي جيڪو ٽن ميچن ۾ ٻن اڌ سينچرين جي مدد سان 138 رنسو ٺاهي چڪو آهي سندس اسٽرائڪ ريٽ سو کان مٿي آهي، پاڪستان ۽ ڀارت جو فائنل اوول جي ميدان تي کيڏيو ويندو جتي ڀارت گروپ اسٽيج جون ٻه ميچون کيڏي چڪو آهي جڏهن ته پاڪستان هن وقت تائين اوول ۾ هڪ ميچ به ناهي کيڏيو . هن وقت تائين ٿيندڙ چيمپيئنز ٽرافي جي ميچن تي هڪ نظر ڦيرائي جي ته ڀارت جي پوزيشن بهتر نظر ايندي، هن ٽورنامنٽ کان اڳ ۾ ڀارت چيمپيئنز ٽرافي ۾ 23 ميچ کيڏيا آهن جن مان ڀارتي ٽيم 18 ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ڀارتي ٽيم جي ڪاميابي جو شرح 70 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته پاڪستان ٽيم 18 ميچ کيڏي چڪي آهي جن مان رڳو 7 ميچن ۾ کيس ڪاميابي نصيب ٿي آهي، اهڙي طرح پاڪستان جي ڪاميابي جو شرح 39 سيڪڙو آهي.ڪرڪيٽ ۾ اڪثر ڪري انگ اکر ۽ ماضي جا رڪارڊ بي معني ٿي ويندا آهن جئين هن ٽورنامنٽ ۾ آئي سي سي جي رينڪنگ بي معني ٿي وئي.ٽورنامنٽ جو فيورٽ ۽ رينڪنگ ۾ پهرين، ٽئين، ۽ پنجين نمبر جون ٽيمون، ڏکڻ آفريڪا، آسٽريليا ۽ نيوز لينڊ گروپ ميچن کان اڳتي نه وڌي سگهيون، رينڪنگ ۾ چوٿين پوزيشن تي موجود ٽيم انگلينڊ جو سفر به سيمي فائنل تائين رهيو، جڏهن ته رينڪنگ ۾ اٺين نمبر تي موجود پاڪستان ٽيم فائنل پهچي سڀني کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي ڪرڪيٽ ۾ خاص ڪري محدود اورن واري ميچن ۾ اها ئي ٽيم ڪاميابي ماڻيندي آهي جيڪا ميچ واري ڏينهن بهتر راند پيش ڪري، آچر تي اوول ۾ انگ اکر، رڪارڊ، ريڪنگ سموريون ڳالهون هڪ پاسي ٽيم اها کي ڪاميابي حاصل ڪندي جيڪا سٺي راند پيش ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

New Zealand opt to bat against Pakistan in Abu Dhabi Test

ابوظهبي ٽيسٽ : نيوزيلينڊ جو پاڪستان خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو

ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ پاڪستان خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سريز جي پهرين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے