17 ہفتہ , نومبر 2018

ڪراچي ۾ مختلف حادثا، 5 ڄڻا فوت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب ۽ ٽريفڪ حادثن کان سبب 5 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو. آءِ سي آءِ پل تي گاڏي موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو. ڪورنگي نمبر 5 ۾ پارڪ ويجهو ٻن ٻارن جا لاش مليا، ريسڪيو موجب ٻنهي ٻارن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، جڏهن ته ٻار ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيا آهن. بلديا رشيد آباد ۾ تيز رفتار رڪشو ڪلٽي ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ پنجن سالن جو ٻار فوت ٿي ويو جڏهن ته رڪشي ۾ سوار ٻيا ماڻهو محفوظ رهيا. ڊفينس فيز 6 ۾ موٽر سائيڪل ۽ گاڏي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار فوت ٿي ويو، فوتي اهلڪار جي سڃاڻپ  28 سالن جي امير حسين جي نالي سان ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي: فيڪٽري حادثي فوتگين واري معاملي تي ڪيس داخل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) لانڍي ۾ خانگي ڪپني جي فيڪٽري ۾ گيس جي ڌماڪي سبب 6 ڄڻن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے