17 ہفتہ , نومبر 2018

سنڌ جي تباھ ٿيل سرڪاري تعليم ،گوسڙو استاد ۽ گوسٽ اسڪول

                 سنڌ جيڪو پاڪستان جو خالق صوبو آهي ، ان صوبي جي تعليمي شعبي جي  حالت  ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان پٺتي پيل آهي،  سنڌ جي تعليمي ادارن جو جائزو وٺجي ٿو ته معلومات حاصل ٿيڻ کانپوءِ لڱ ڪانڊارجي وڃي وڃن ٿا،ته اربين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود نه اسڪولن کي بنيادي سهولتون ميسر ٿي رهيون آهن ۽ نه ئي تعليمي معيار بهتر ٿي رهيو آهي،ڏينهون ڏينهن تعليم جو ٻيڙو غرق ٿيندو نظر اچي پيو ، هاڻ ته سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي به لاڳو ڪئي وئي آهي ، ان باوجود تعليم جي ماهرن جو چوڻ آهي ته تعليم جي بهتري لاءِ خرچ ٿيندڙ رقم  ڪنهن اونهي کوھه ۾ وڃي رهي آهي ، اها  رقم خرچ ته ٿي رهي آهي پر ڪنهن به قسم جا نتيجا ڏيندي نظر نٿي اچي ،جنهن کان پوءِ سرڪاري مايوس ٿي، سرڪاري تعليمي ادارا خانگي ماڻهن حوالي ڪرڻ شروع ڪيا آهن ڇاڪاڻ ته سرڪاري سڄو سرشتو مڪمل طور تي ڊانواڊول ٿي چڪو آهي ، ان ۾ بهتري جي ڪا به  بهتري جي اميد نظر نه اچڻ سبب سرڪار ان نتيجي تي پهتي آهي ته تعليمي ادارا پي پي پي موڊ  تحت هلايا وڃن ته جيئن ڪي نتيجا حاصل ٿي سگهن.

صوبي ۾ اسڪولن جو انگ

سنڌ ۾ سرڪاري سطح تي 41 هزار 131 پرائمري اسڪول،2 هزار 529 مڊل ۽ ايليمينٽري اسڪول،1 هزار 696 سيڪنڊري اسڪول ۽ 291 هائير سيڪنڊري اسڪول آهن، مجموعي طور تي 45 هزار 447 اسڪول هلندڙ آهن .صوبي جي ساڍن چار هزار اسڪولن کي اسڪول ڪنسوليڊيشن پاليسي تحت 1350 اسڪولن ۾ضم ڪيو ويو آهي ، اهي اسڪول هڪ ئي عمارت ۾ صبح ۽ شام جي شفٽن ۾ هلندڙ هئا، انهن ڪيمپ اسڪولن کي هلائڻ لاءِ 1 ارب 80 ڪروڙ رپيا بجيٽ رکي وئي آهي جيڪا انهن اسڪولن کي هلائيندڙ اين جي اوز کي حوالي ڪئي وئي آهي . ايڏي رقم ڏيڻ باوجود خانگي انتظاميا جي نگراني ۾ هلندڙ اسڪولن به ڪنهن به قسم جو مثبت نتيجو نه ڏئي سگهيا آهن اها رقم به ڪامورن ۽ خانگي سماجي ادارن جي انتظاميائن جي ملي ڀڳت جي حوالي ٿيندي نظر اچي رهي آهي ، ايئن ٿو محسوس ٿئي ته سنڌ جو تعليمي ٻيڙو ڪنهن گهري ڪن حوالي ٿي چڪو آهي، تعليم کاتي اندر ڪرپشن فرض سمجهي ڪيو پيو وڃي.

بنا عمارتن هلندڙ اسڪول

اربين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود هن وقت به سرڪاري انگن اکرن موجب 7 هزار 497 اسڪول بنا عمارتن جي هلندڙ آهن جنهن ۾ پرائمري جا 6 هزار 899، ايليمينٽري  جا 221      ۽  مڊل جا  377 اسڪول شامل آهن. هن وقت تائين سرڪار پنهنجون سموريون توانايون استعمال ڪرڻ باوجود انهن بنا عمارتن هلندڙ اسڪولن کي عمارتون فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام نظر اچي ٿي ، اهو به محسوس ٿئي ٿو سرڪاري ڪامورا انهن اسڪولن کي ياد ئي نٿا ڪن ، ڄڻ انهن اسڪولن کي عمارتون ڏيڻ انهن جي ذميواري ئي ناهي ، سرڪار هر سال تعليم کاتي ۾ نيون عمارتون ته تيار ڪرڻ لاءِ ترقياتي رٿائون به بجيٽ ۾ شامل ڪري ٿي ، انهن اسڪولن لاءِ ڪا به ايس اين اي به نٿي هجي ، جتي ايس اين اي به آهي ، استاد به پڙهائين ٿا ، شاگرد به آهن انهن اسڪولن کي سيميس  ڪوڊ به آهن ، پر عمارتون نه آهن اهي کلي آسمان هيٺ ،وڻن جي ڇانورن يا ڪکائن منهن ۾ هلي رهيا آهن .اهي به ثبوت آهن ته 90 سيڪڙو  اسڪولن جي ايس ايم سي  واري رقم هڙپ ٿي رهي آهي ،10 سيڪڙو چيئرمين اهڙا آهن جيڪي عوام دوست آهن تعليم جي واڌاري ۾ دلچپسي رکن ٿا،اهي نه رڳو ان ايس ايم سي واري رقم کي درست خرچ ڪن ٿا پر هو ڪميونٽي ۽ ٻين مخير ماڻهن کان به فنڊ ڪري اسڪولن جي بهتري تي خرچ ڪندي نظر آيا آهن. ان ۾ سرڪار جي ڪا به ڪارڪردگي ناهي ، سنڌ سرڪار جو اسڪولن بابت پاليسي جوڙيندڙ شعبو آر ايس يو  رڳو عالمي قرض وٺڻ  ۽ انهن کي ڪيئن خرچ ڪجي  جنهن سان تعليم به نه سڌري ۽ رقم به خرچ ٿي وڃي ۽ وري ٻيهر  تعليم جي بهتري لاءِ نئون مالي پيڪيج به حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ موقعو ميسر ٿي وڃي ان رستي تي وڏي ايماندري سان ڪم ڪري رهيو آهي. هلندڙ مالي سال دوران ايس ايم سي فنڊن جي مد ۾ هڪ ارب  80 ڪروڙ  رپيا رکيا ويا آهن..

سنڌ سرڪار ايس ايم سي فنڊ هن ريت اسڪولن کي ادا ڪندي آهي ، پرائمري اسڪول کي 22 هزار  ڀلي اسڪول پنج ڪمرن تي ٻڌل هجي يا هڪ ڪمري تي ٻڌل هجي يا وري بنا عمارت هجي سڀن کي ساليانو 22 هزار رپيا ملندا، ايئن ايلمينٽري ۽ مڊل اسڪول کي 50 هزار ، هاءِ اسڪول ۽ هائير سيڪنڊري اسڪول کي 1 لک رپيا ايس ايم سي فنڊ فراهم ڪيو ويندو. اها ايس ايم سي جي رقم اسڪول جي مرمت، فرنيچر جي مرمت، اسٽيشنري جي خريداري ۽ شاگردن کي اسڪولن تائين آڻڻ لاءِ بس يا وين کي ڪرائي جي مد ۾ خرچ ڪري سگهجي ٿي.

بند پيل سرڪاري اسڪول

5 هزار 384 بند پيل اسڪول آهن، سرڪار جي دعوي ته انهن مان 2 هزار 776 اسڪول کوليا ويا آهن،پر سر زمين تي وڃي ڏسبو ته اتي اهي اسڪول کليل نظر نٿا اچن.

سنڌ سرڪاري پنهنجن وسيلن توڙي مخلتف عالمي ادارن جي مدد سان تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ اربين رپيا قرض به حاصل ڪري رهي آهي ،  هن وقت سنڌ سرڪار عالمي بنيڪ کان 40 ارب رپيا ،،يورپي يونين کان 35 ارب رپيا، يوايس ايڊ کان 16 ارب رپيا ،اهڙي طرح ڪيناڊا، جاپان ۽ ٻين ملڪن کان به اربين رپيا قرض ۽ امداد جي مد ۾ رقم حاصل ڪئي آهي، تعليمي بجيٽ 202 ارب رپين کان وڌيڪ آهي ،ان لاءِ اسڪول ايجوڪيشن لاءِ 12 ارب رپيا ، ڪاليجن لاءِ 5 ارب رپيا ، معذورن ، فني تعليم سميت ٻين مدن لاءِ 202  ارب رپيا رکيا ويا آهن،

سنڌ سرڪار ساليانو 40 لک ڪتاب سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ معرفت ڇپرائي مفت شاگردن ۾ ورهائي رهي آهي جنهن تي 2 ارب رپين کان وڌيڪ رقم جي لاڳت اچي ٿي، نائين ۽ ڏهين تائين سرڪار داخلا ۽ امتحاني فيس به هاڻ شاگردن کي معاف ڪري ڇڏي آهي ته جيئن شاگرد تعليم پرائي سگهن ان باوجود سرڪاري تعليمي ادارن ۾ تعليمي معيار بهتر نه هجڻ سبب شاگرد اسڪولن ۾ نٿا اچن ، مختلف تعليم تي ڪم ڪندڙ ادارن اسر ۽ الف اعلان موجب سنڌ تعليم جي ميدان  ۾ سمورن صوبن کان پٺتي پيل آهي ،60 لک کان وڌيڪ شاگرد اسڪولن کان ٻاهر آهن، سرڪاري جي تمام گهڻين ڪوششن باوجود اهي ٻارڙا اسڪول نٿا پهچي سگهن ان جا ٻه بنيادي ڪارڻ هي آهن، ته سرڪاري اسڪولن ۾ معياري تعليم ناهي ، استاد تربيت حاصل ڪيل ناهن ، ٻيو والدين غربت جو شڪار آهن جنهن جي ڪري هو پنهنجي اولاد کي اسڪول موڪلڻ بدران ڪم تي موڪلين ٿا ته جيئن پنج رپيا ڪمائي اچي باقي خاندان جي پيٽ گذر ۾ مددگار ٿين.

سرڪاري اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي اڻ هوند

سرڪاري اسڪولن جي اندر بنيادي سهولتن جو جائزو وٺجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته قحط رجال آهي هر سال بنيادي سهولتون ميسر ڪرڻ تي اربين رپيا خرچ ٿيندي ظاهر ته ڪيا وڃن ٿا پر اهي سهولتون اسڪولن کي مليل ڪٿي به نظر نٿيون اچن ، سنڌ سرڪار جي پنهنجن اگن اکرن موجب 24 هزار اسڪولن ۾ پيئڻ جو پاڻي  ناهي ، جنهن ۾ 21 هزار 893 پرائمري اسڪول،924 مڊل۽ ايليمينٽري اسڪول،104 سيڪنڊري اسڪول،12 هائير سيڪنڊري اسڪولن ۾ پاڻي ناهي. جڏهن ته 27 هزار  232 اسڪول بنا بجلي هلن ٿا ،ان ۾ 25 هزار 910 پرائمري اسڪولن کي بجلي ناهي ، 1094 مڊل اسڪولن،218 هاءِ اسڪولن ۽ 10 هائير سيڪنڊري اسڪول بنا بجلي جي هلي رهيا آهن هن موت مار گرمي ۾ جتي گرمي پد سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ 50 کان 54 تائين پهچي وڃي ٿو اتي استاد ڪيئن ٻارڙن کي تعليم ڏيندا هوندا ۽ شاگرد ڪيئن پڙهي سگهندا هوندا ان مان اندازو لڳايو ته سرڪار  تعليم سا به معياري  فراهم ڪرڻ ۾ ڪيتري دلچسپي رکي ٿي ، اهي  اسڪول آهن يا عذاب گهر آهن جتي  ڪا به بنيادي اسهولت ميسر ناهي ،اهڙي طرح 18 هزار 792 اسڪولن ۾ چوديوارون ناهن، 37 هزار اسڪولن  ۾ راندين جا ميدان ناهن ، انهن کي ڪو به مهذب معاشرو اسڪول ”درس گاھه“  نٿو چئي سگهي ، ڪيترائي اهڙا اسڪول سرڪار تيار ڪرايا آهن جتي اسڪول جي ڪا به ضرورت نه هئي اتي ٻارڙن جو تعداد به ايترو ناهي جنهن جي بنياد تي ڪو اسڪول کولي سگهجي اهي عمارتون سياسي رشورت طور  تي وڏيرن ۽ بااثر ماڻهن کي گدام طور ڪم اچڻ لاءِ ٺاهي ڏنيون ويون آهن ايئن عوام جي ٽيڪس جي پيسي کي ضايع ڪيو ويو آهي . سڄي سنڌ ۾ اهڙا سئون جي انگ ۾ اسڪول آهن جيڪي اوطاقون ، مال جا واڙا ۽ اناج جي گدامن طور استعمال ٿي رهيا آهن سرڪار انهن کي واپس وٺڻ لاءِ ڪنهن به قسم جو تحرڪ نٿي وٺي.

تعليم جي سڌاري جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد ،مراد علي  شاھ پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ان ڳالھه جو اعتراف ڪيو ته سنڌ ٻين صوبن جي تعليمي معيار جي ڀيٽ ۾ سڀ کان پوئتي پيل صوبو آهي، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته سنڌ جي تعليمي معيار کي بهتر ڪجي ان ڪري تعليم کاتي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي ، استادن جي ڀرتي شفاف بڻائي وئي آهي ميرٽ جو  مڪمل خيال رکيو ويو آهي ته جيئن سٺا استاد ڀرتي ڪري سگهجن ان لاءِ آءِ بي اي ۽ اين ٽي ايس  ٽيسٽ ذريعي ڀرتيون ڪيون پيون وڃن ، سياسي سفارش کي ختم ڪيو ويو آهي . اهڙي طرح استادن جي حاضري کي يقيني بڻائڻ لاءِ  بائيو ميٽرڪ سسٽم معتارف ڪرايو آهي ان سان به ڪافي بهتري آئي آهي .

تعليم واري کاتي جي سيڪريٽري  عبدالعزيز عقيلي   جو چوڻ هيو ته اها ڳالھه درست آهي ته سنڌ پاڪستان جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان پٺتي پيل آهي ، ماضي ۾ سنڌ سمورن صوبن کان تعليم ۾ اڳ ڀرو هيو. هن چجو چوڻ هيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته ايندڙ سال اسان پنهنجي معيار کي بهتر ڪري ٽين نمبر تي اچون ۽ ايئن ٽن سالن کانپوءِ اسان پهرين نمبر تي واپس اچي وڃون ان لاءِ وڏي جاکوڙ جي ضرورت آهي سنڌي  سماج کي به تعليم جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته 2008ع کان اڳ جيڪي ڀرتيون ٿيل آهن انهن استادن کي پڙهائڻ ئي نٿو اچي ، تمام گهڻي حالت خراب آهي ، هن چيو ته سنڌ تعليم کاتي  پنهنجو تعليمي معيار بهتر ڪرڻ لاءِ ڪجهه سٺا قدم کنيا آهن جنهن ۾ استادن جي  ڀرتين ۾ شفافيت ۽ ميرٽ کي ترجيح ڏني وئي آهي ، استادن جي تربيت وارن ادارن کي به بهتر ڪيو ويو آهي ،گوسڙو استادن کي اسڪول آڻڻ لاءِ بايو ميٽرڪ سسٽم لاڳو ڪيو آهي ، هن چيو ته گرمي جي موڪلن کانپوءِ 45 هزار اسڪولن جي هيڊ ماسترن ۽ انجارج استادن کي به موبائيل فراهم ڪنداسين جيڪي صبح سان پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ هيڊ ڪوارٽر کي  موڪليندا ،انٽر نيٽ ذريعي انهن جي لوڪيشن به معلوم ڪري سگهبي ، ڊويزنل، ضلعي ، تعلقي آفيسرن ۽ سپروائيزرن کي به بابت ڪيو ويو آهي ته اهي به روزانوا سڪولن جا دورا ڪندا ،اهي به پنهنجي روزاني جي ڪارڪردگي رپورٽ موڪليندا ، ايئن گوسٽ استادن جو گهيرو تنگ ڪيو پيو  وڃي، هن اهو به ٻڌايو ته اسان اسڪولن کي ڪنسوليڊيشن پاليسي تحت گهڻن اسڪولن کي هڪ اسڪول ۾ تبديل ڪري خانگي ادارن حوالي اهي اسڪول ڪري رهيا آهيون ته جيئن تعليمي معيار بهتر ٿي سگهي . هن چيو ته تعليم جي سڌاري لاءِ گهڻ رخي مهم هلائي رهيا آهيون مڃون ته نتيجا جلد نه پر هوريان هوريان ايندا.  هن اهو به اقرار ڪيو ته سنڌ ۾ وڏي انگ ۾ استادن جون ڀرتيون غير قانوني ۽ غلط ٿيل آهن ، انهن جي جاچ جي سلسلي کي تيز ڪريو ويو آهي اهي به شڪاتيون آهن ته هڪ ضلعي مان ٻئي ضلعي ۾ بدلي ڪرائي ايندڙ ڪيترائي اهڙا استاد آهن جيڪي بدلي ڪرائي آيل ضلعن ۾ استاد ئي ناهن اهي ڪوڙي بدلي آرڊر تي ٻين ضلعن ۾ اچي نوڪريون ڪري رهيا آهن انهن خلاف به ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو آهي، انهن کي به ٻاهر ڪڍيو ويندو . هن اهو به ٻڌايو ته استاد تنطيمن جي رجسٽريشن ۽ ڪم ڪار جي طريقيڪار بابت به هڪ پروفارما تيار ڪيو ويو آهي ، انهن کان سوال ڪيو ويندو، اهي به تعليم جي واڌاري ۾ وڏي رڪاوٽ آهن هاڻ اسان وڌيڪ تباهي برداشت نٿا ڪري سگهون، بليڪ ميلنگ ۾ نه اينداسين .هن جو چوڻ هيو ته تعليم جي بهتري لاءِ سماج جا متحرڪ ماڻهو پنهنجو ڪردار ادا ڪن ، هن چيو ته اهو به درست آهي ڊويزنل،ضلعي ، تعلقي ۽ يوسي سطح جا ڪامورا تعليم جي تباهي جا ذميوار آهن اهي تعليم جي وڌاري ۽ بهتري لاءِ پنهنجو گهربل ڪردار ادا نه ڪري رهيا آهن.

الف اعلان

الف اعلان جي ميڊيا هيڊ شهاب صديقي  جو چوڻ هيو ته سنڌ ۾ 1 ڪروڙ 20 لک ٻارڙا آهن جيڪي 5 کان 16 سالن جي عمر جا آهن ،جنهن مان 60 لک ٻارڙا يعني 50 سيڪڙو ٻارڙا اهڙا آهن جن اسڪول جو منهن ئي نه ڏٺو آهي ، جيڪو تمام وڏو الميو آهي ، هن جو اهو به چوڻ هيو ته 100 ٻارڙن مان 51 سيڪڙو پرائمري ۾ پڙهن ٿا،18 سيڪڙو مڊل ۽ 12 سيڪڙو هاءِ اسڪولن ۾ پڙهن ٿا ، انهن انگن اکر مان اهو صاف نظر اچي ٿو ته پرائمري کانپوءِ مڊل اسڪول ۽ هاءِ اسڪول نه هجڻ سبب ٻار اڳتي نٿو پڙهي سگهي ، جڏهن ته 47 سيڪڙو پرائمري اسڪولن ۾ هڪ استاد پنج درجا پڙهائي ٿو ، ٻئي طرف سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ 91 سيڪڙو پرائمري اسڪول آهن ،5 سيڪڙو مڊل ۽ 4 سيڪڙو هاءِ اسڪول آهن ،  ان کان به وڏي خطرناڪ ڳالھه اها آهي ته پنجين ۽  8 ڪلاس جي شاگردن کان جڏهن سائنس  ۽ حسابن جو امتحان ورتو ويو ته انهن مان سمورن شاگردن  ٻنهي سبجيڪٽن ۾ 25 سيڪڙو کان به گهٽ مارڪون کڻي سگهيا، ان مان اندازو لڳايو ته سنڌ جي تعليم جو معيار ڪٿي بيٺل آهي ، سرڪار طرفان تيار ڪيل سمورن اسڪولن مان 65 سيڪڙو اسڪولن جي حالت انتهائي خراب آهي اهي زبون حالي جو شڪار آهن هر ايندڙ ڏينهن ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب شاگرد ۽ استاد زخمي ٿيڻ جا اطلاع ملندا رهن ٿا.

مالي سال 2017-2018 ع ۾ سنڌ جي تعليم لاءِ 202.7 ارب  رپيا رقم رکي وئي آهي ، جنهن مان 178.6 ارب غير ترقياتي بجيٽ آهي، جيڪا 88 سيڪڙو آهي ، 24 ارب رپيا  ترقياتي بجيٽ آهي جيڪا 12 سيڪڙو آهي ،اها رقم گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 15 سيڪڙو اضافي آهي .

مٿي جيڪي به انگ اکر ڏنل آهن اهي سب سرڪاري انگ اکر آهن جيڪي سنڌ سرڪار جي  ويب سائيٽ تي به  موجود آهن ۽ الف اعلان سميٽ ٻين تعليم تي ڪم ڪندڙ ادارن وٽ به اهي انگ اکر موجود آهن. آئين جي آرٽيڪل 25 اي تحت وفاقي ۽ صوبائي سرڪارون پابند آهن ته اهي 5 سالن کان 16 سالن جي شاگردن کي لازمي مفت تعليم فراهم ڪنديون. ان لاءِ سنڌ سرڪار هڪ بل به پاس ڪيو آهي جنهن ۾ اسڪول نه ايندڙ  ٻارڙي جي والدين تي ڏنڊ ۽ جيل جي سزا به ڏئي سگهي ٿي . ان باوجود سنڌ ۾ 60 لک ٻارڙن جو اسڪولن کان ٻاهر هجڻ اهو ثابت ڪري ٿو ته قانون ته موجود آهن پر انهن تي انهن جي روح مطابق عمل نٿو ڪيو وڃي. مٿي جيڪي به انگ اکر آهن اهي سڀ ظاهر ڪن ٿا ته سنڌ ۾ تعليم کاتو گوسٽ آهي ، اڳوڻو تعليم کاتي جو سيڪڙي فضل الله پيچو هو واضع طور چوندو رهيو آهيو ته  تعليم کاتي ۾ 40 سيڪڙو گوسڙو استاد موجود آهن آهن جڏهن ته هزارن جي انگ ۾ جعلي آِءِ ڊيز تي به ڀرتي ڪيل آهن اهي سرڪاري ناڻي مان پگهارون به کڻي رهيا آهن انهن کي سرڪار ان ڪري ڪجهه نٿي ڪري سگهي ته سرڪاري ڪامورا ۽ سياسي ماڻهو انهن جي حمايت ڪن ٿا ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ نٿا ڏين. ان جو اهو نتيجو آهي ته اڄ سنڌ تعليم ۾ ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان پٺتي پيل آهي .

سنڌ جي تعليم جي بهتري لاءِ سماج کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ، استادن کي پڙهائڻو پوندي ، والدين کي ٻارڙن کي اسڪول موڪلڻو پوندي ،سرڪاري ڪامورن کي تعليم جي نگهباني ڪرڻي پوندي ، استاد ميرٽ تي ڀرتي ڪيا ويندا تڏهن وڃي سنڌ ۾ تعليم بهتر ٿي سگهي ٿي نه ته سنڌ ۾ تعليم ڍڳو پير پيران واري صورتحال ۾ پئي هلندي نه جيئندي  نه مرندي ، ان عمل سان سنڌ ايندڙ سالن ۾ پاڪستان سميت ڪنهن به ملڪ سان تعليم جي شعبي ۾ مقابلو ته پري جي ڳالھھ آهي ، ان جو تصور به نه ڪري سگهندي تنهن ڪري سڄي سنڌي سماج کي متحرڪ ٿي تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ، سرڪاري انگ اکر  شاگردن جي ڀيٽ ۾ نياڻين جي تعليم ته اڃا به خراب صورتحال جو شڪار آهي.

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سرڪاري لاپرواهي جو شڪار مُهين جو دڙو:زرار پيرزادو

مُهين جي دڙي جو هيءُ ماڳ نه رڳو سنڌ، نه رڳو پاڪستان پر دنيا جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے