22 جمعرات , نومبر 2018

جي آءِ ٽي پنهنجي ٽئين رپورٽ اڄ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي رهي آهي

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) پاناما ليڪس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جاچ ۾ اڳڀرائي بابت پنهنجي ٽين رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي رهي آهي. ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي واجد ضياءَ جي صدارت  ۾  پاناما ليڪس لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي جو  43 هون اجلاس وفاقي جوڊيشل اڪيڊمي ۾ ٿيو جنهن ۾ گڏيل جاچ تيم پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ کي آخري شڪل ڏئي ڇڏي. رپورٽ ۾ جي آءِ ٽي جي هن وقت تائين جي ڪارڪردگي کي شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وزيراعظم نواز شريف، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ وزيراعظم نواز شريف جي پٽن حسن ۽ حسين نواز جي بيانن کي به رپورٽ جو حصو بڻايو ويو آهي. رپورٽ جي آءِ ٽي جو سربراهه واجد ضياءَ پاناما ليڪس ڪيس تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ لاءِ قائم سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ کي فراهم ڪندو.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرتارپور سرحد کولڻ امن پسند لابي جي فتح آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري ڀارت طرفان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے