13 منگل , نومبر 2018

حڪومت چونڊن جي نون قانونن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ سنيجده نظر نه پئي اچي: سردار رضا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) سردار رضا چيو آهي ته حڪومت نئين چونڊ قانون کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ سنجيده نظر نه پئي اچي جنهن جي ڪري 2018ع ۾ چونڊون ڪرائڻ بابت ڪيترائي مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) سردار رضا جي سربراهي ۾ اعليٰ سطح جي اجلاس ۾ چيف شماريات ڪمشنر آصف باجوه مردم شماري بابت بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ چئني اليڪشن ڪميشن ميمبرن ۽ اليڪشن ڪميشن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ٻئي پاسي آصف باجوه  اجلاس کي ٻڌايو ته مردم شماري جي حتمي رپورٽ کان اپريل 2018ع اڳ اليڪشن ڪميشن کي فراهم ڪرڻ ممڪن ناهي تنهن هوندي عبوري ڊيٽا جولاءِ 2017ع جي آخر تائين فراهم ڪري سگهجي ٿي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته جيسيتائين اليڪشن ڪميشن کي حتمي ڏيٽا فراهم نٿي ڪري سگهي. اسان تڪ بندين تي ڪم شروع ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون ڇو ته قانون عبوري ڊيٽا ۽ عارضي انتظامن جي اجازت نٿو ڏئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے