18 اتوار , نومبر 2018

مريم اورنگزيب ۽ عظميٰ ڪاردار ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ٻاهران ڊائس حاصل ڪرڻ لاءِ مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عظميٰ ڪاردار ۾ جهيڙو ٿي پيو. رپورٽن موجب مريم اورنگزيب سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڊگهي ڳالهه ٻولهه ڪري رهي هئي ته سندس پويان بيٺل پي ٽي آءِ اڳواڻ عظميٰ ڪاردار چيو ته گفتگو ڊگھي ٿي وئي آهي، اسان گرمي ۾ بيٺا آهيون، هاڻ ڊائس ڇڏيو اسان کي ڳالهائڻو آهي، جنهن تي اتي موجود ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۾ سخت لفظن جي ڏي وٺ ٿي، جڏهن ته مريم اورنگزيب کي به ڪاوڙ لڳي وئي، هن چيو ته مان ڳالهائينديس، توهان کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪيو. مملڪتي وزير تحريڪ انصاف کي حملو ۽ تماشو ڪندڙ پارٽي قرار ڏيندي چيو ته اهو ڪهڙي قسم جو ورتاءُ آهي ته هر ڪنهن تي حملو ڪيو، مان هتان ڊڄي نه وينديس. مريم اورنگزيب ڊائس سنڀالي رکي ۽ سپريم ڪورٽ کان واقعي جو نوٽيس وٺڻ جو به مطالبو ڪيو. هوڏانهن عظميٰ ڪاردار جو چوڻ هو ته اسان هڪ ڪلاڪ کان وٺي صحافين سان ڳالهائڻ لاءِ انتظار ڪيو پر مريم اورنگزيب ڄاڻي واڻي پنهنجي ڳالهه ٻولهه کي ڊيگهه ڏني.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے