20 منگل , نومبر 2018

شريفن کي بچائڻ جي لاءِ ايس اي سي پي رڪارڊ ٽيمپر ڪيو: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عمران خان جو چوڻ آهي ته ميڊيا رپورٽن مان ظاهر ٿيو آهي ته شريفن کي بچائڻ جي لاءِ ايس اي سي پي رڪارڊ ٽيمپر ڪيو ويو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ايس اي سي پي رڪارڊ ٽيمپر بابت خبرن تي سوشل ميڊيا ٽوئيٽ ذريعي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو آهي ته جيڪڏهن رڪارڊ ٽيمپر سچ ثابت ٿيو ته اهو عمل ڄاڻي واڻي ادارن جي معاملن ۾ مداخلت چورائيندو. هن وڌيڪ چيو ته رڪارڊ ٽيمپر ڪرڻ جو عمل انصاف جي رستي ۾ رنڊڪ وجهڻ جي برابر آهي ۽ ان ۾ ملوث ماڻهن کي اهڙو ڏوهه ڪرڻ تي جيل ۾ هجڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے