18 اتوار , نومبر 2018

مصطفيٰ ڪمال جي الزامن تي عدالتي ڪميشن جو مطالبو، شهباز شريف نيب کي ڌمڪي ڏني: عمران خان

887812-imrankhan-14318426211پشاور(ع آ نيوز)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نوجوان پاڪستان جي سڀ کان وڏي طاقت آهن،پشاور ۾ ميگا يوٿ چيلينج ميلي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته موجوده حڪمرانن تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ قرض ورتا آهن، خيرات گهرندڙ اکيون اکين ۾ وجهي ڳالهائي نه ٿا سگهن. هوڏانهن پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مصطفيٰ ڪمال جي الزامن تي عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي، آئون پهريون پاڪستاني آهيان، جنهن چيو هو ته ايم ڪيو ايم جو سربراهه دهشتگرد آهي، ڀارت ويس ته ٻڌايو ويو ته ”را“ ايم ڪيو ايم جي سربراهه جا پوسٽر لڳايا، حڪمران پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاءِ مصلحتن جو شڪار آهن. هن چيو ته ميگا پراجيڪٽس ٻيڻي قيمت تي ٺهي رهيا آهن. نيب جاچ ڪري، شهباز شريف نيب کي ڌمڪي ڏني آهي. قومي احتساب بيورو کي شهباز شريف جي ڪرپشن جي جاچ ڪرڻ گهرجي. ميٽرو بس ۾ گهوٻين جي جاچ ٿيڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے