12 بدھ , دسمبر 2018

پاناما معاملو، سياست جي رستا روڪ ۽ سويلين بمقابلا عسڪري ادارن وارو مامرو:قاسم سوڍر

هونئن ته مسئلا هر قوم ۽ هر ملڪ کي درپيش اچن ٿا، پر ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي، جتي هڪ طرف مسئلن جو انبار آهي ته ٻئي طرف رياستي ادارن ۽ چونڊيل حڪومتن وچ ۾ تضاد به هر دور ۾ چوٽ چڙهيل آهن. رياست بمقابلا سويلين ڌرين واري معاملي جا آخر ڪهڙا سبب آهن؟ ان معاملي کي سمجھڻ لاءِ ملڪ جي قيام کان ويندي اڄ ڏينهن تائين جي تاريخ تي نظر وجھڻ جي ضرورت آهي، جنهن منجھان پتو پوندو ته هن ملڪ جا بنياد ڪهڙي نظريي يا مفادن تحت رکيا ويا هئا.

پاڪستان جي ٺهڻ پٺيان مفاد ته مسلمان مٿئين ۽ وچئين طبقي جا ئي هئا، جن کي مذهب جي نالي ۾ هڪ اهڙو وسيلن سان مالامال ملڪ پئي گھريو، جيڪو انهن لاءِ ڌرتي تي رهندي هن ئي زندگي ۾ هڪ جنت کان گھٽ نه هجي. ان حوالي سان جهڙيءَ طرح مذهبي عنصر متحد بڻجي ميدان تي لٿا ۽ اهڙيون حالتون بڻايون ويون، جو بعد ۾ قائداعظم جهڙو ايڏو بهترين وڪيل ۽ پڙهيو لکيو ماڻهو به انڊين نيشنل ڪانگريس کان ناراض ٿي، مسلم ليگ کي اچي ويجھو ٿيو. يقينن جناح صاحب جهڙي قدآوار شخصيت جو ان معاملي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ انهن مذهبي توڻي مٿئين ۽ وچين طبقي جي قيادت لاءِ تمام گھڻو فائديمند هو، ڇاڪاڻ ته اها جناح صاحب جي ذهانت ئي هئي جنهن ڪانگريس سميت انگريز سرڪار کي به مجبور ڪيو ته هو پاڪستان جي قيام لاءِ هامي ڀرين. اها ڳالهه الڳ آهي ته، انگريزن توڻي ڪانگريس قيادت جي ذهن ۾ پاڪستان جي جٽاءُ ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت ڪهڙو تاثر هو، پر ڪيئن به ڪري اهي هڪ نئين ملڪ جي قيام لاءِ راضي ضرور ٿيا.

ملڪ اندر اڄ جيڪي عسڪري ڌرين ۽ سويلين ڌرين وچ ۾ تضاد ڪر کنيا بيٺا آهن، تن جو بنياد به ملڪ جي قيام وقت ان ئي وقت پئجي چڪو هو، جڏهن بجاءِ سياسي قوتن کي مضبوط ڪرڻ ۽ انهن تي ڀاڙڻ جي الٽو ڪاموراشاهي کي بااختيار بڻايو ويو. ڪاموراشاهي کي مچي مواڙ ڪرڻ ۽ ملڪ کي تين وال ڪرڻ جي پوري بندوبست ۾ اڳيان هلي اڳوڻي جنرل ايوب خان اهم ڪردار ادا ڪيو. اهو ايوب خان ئي هو، جنهن هزارين ڪامورا ”بنيادي جمهوريت“ جهڙي حسين نعري جي آڙ ۾ برتي ڪري، ملڪ جو سڄو ڪاروهنوار کين حوالي ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ، 1965ع واريون چونڊون جيڪي فقط نالي ماتر ئي هيون، جن ۾ ايوب خان محترمه فاطمه جناح کي به هارائي سائيڊ تي لڳائي ڇڏيو، پر ان باوجود به جيڪڏهن ملڪ جو ڪاروهنوار فوج ۽ ڪاموراشاهي بجاءِ سياسي ڌرين وٽ هجي ها ته شايد بعد ۾ ههڙو حشر نه هجي ها، جڏهن پورو ملڪ دهشتگردي ۾ ورتل هجي، ماڻهو بک وگھي مرندا هجن، نوجوان بيروزگاري سبب خودڪشيون ڪندا هجن، مطلب ته ايترن انيڪ مسئلن باوجود ملڪ اندر ميڊيا سميت هر اداري جي نظر انهيءَ ئي سويلين ڌريون بمقابلا عسڪري قوتن تي ئي اٽڪيل آهي.

جنرل ايوب خان جيڪو هيو ئي هڪ فوجي آمر، تنهن منجھان ملڪ اندر جمهوري ادارن جوڙڻ يا انهن کي مضبوط ڪرڻ جي اميد رکڻ جهڙوڪ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ آهي، پر عسڪري ڌرين کي قوت بخشڻ ۾ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار ڀٽو جو به ڪو گھٽ ڪردار نه هو. ان سڄي وايومنڊل ۾ مسلسل عسڪري ادارن کي مليل قوت سبب ئي ضياءُ الحق دور کانوٺي جهڙوڪ سويلين ڌرين جي ڪا اهميت ئي نه هئي. اهي سويلين ڌريون جيڪي ملڪ جي عوام جي ووٽ ۽ مرضي سان چونڊجي پئي آيون، سي به مدو پورو ڪرڻ کان پهرين ئي يا گھر ڀيڙيون پئي ٿيون يا پوءِ ڪاٺ ۾ وڌيون پئي ويون. هاڻي جڏهن جنرل مشرف جي پڄاڻي کانپوءِ جڏهن ظاهري طور سسٽم ۾ تبديلي نظر اچڻ لڳي، جنهن تحت پ پ پ پنهنجو مدو پور ڪيو، پر ان وقت به ڏسي سگھجي ٿو ته مٿيون ڌريون وانديون نه ويٺيون جيڪي سويلين ڌرين کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏين ها. گذريل پ پ پ دور ۾ به وزيراعظمن کي ڪورٽن جا چڪر لڳائڻ (وزيراعظم لاءِ به احتساب هجڻ گھرجي پر ڪنهن غير سياسي ڌر جي مفادن جي پورائي لاءِ نه) کان ويندي انهن کي گھر ڀيڙو ڪرڻ وغيرهه سڀ ڪجھ ٿيندو رهيو، پر موجودهه وقت ۾ نه صرف نوازليگ پر ان سان گڏوگڏ پوري ملڪ اندر جهڙوڪ سياسي ڌرين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي.

ميان نوازشريف جي اها روايت رهي آهي ته هر ڀيري هن ڪوشش پئي ڪئي آهي ته هو پنهنجي پسند جو فوجي جنرل مقرر ڪري ته جيئن کيس مسئلن سان منهن ڏيڻو نه پئيس. شايد ميان صاحب کان اها ڳالهه وسري وڃي ٿي ته فوج ئي ملڪ جو اهڙو واحد ۽ طاقتور ادارو آهي، جنهن ۾ ڪنهن فرد جي مرضي ۽ مفاد نه پر پوري اداري جي مفادن کي سامهون رکي ڪري ئي سمورا فيصلا ڪيا ويندا آهن. پوءِ جيڪڏهن ڪا به ڌر عسڪري ڌرين جي ڪنهن به فيصلي سان ٽڪراءَ ۾ ايندي آهي ته ان کي هٽائڻ جو به فوري طور بندوبست ڪيو ويندو آهي، جنهن جو مثال گذريل ڪيترائي ڀيرا پ پ پ  ۽ نوازليگ جي حڪومتن جي تڏاويڙهه کان ويندي موجودهه وقت ۾ ملڪ جي قومپرست/وطن دوست پارٽين کان ويندي ايم ڪيو ايم جهڙي فاشسٽ ڌر تائين سڀن جي ٿيندڙ رستا روڪ آهي.

جيتوڻيڪ، هاڻي سڌيءَ ريت فوج حڪومتن جا تختا اونڌا ته نٿي ڪري، پر اهو ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته عسڪري ڌرين جي مرضي کانسواءِ هن ملڪ ۾ ڪجھ به ٿيڻ جي اميد نه ٿي رکي سگھجي. ان جو هڪ بنيادي سبب ته عسڪري ادارن جو تمام طاقتور هجڻ آهي، پر گڏوگڏ ملڪ جي سياسي ڌرين جي وڃايل ساک به هڪ وڏو مسئلو آهي. اهو ڪيڏو نه الميو آهي ته هڪ طرف ملڪ جو عوام ووٽ ڏيئي پنهنجا نمائندا چونڊي ايوانن تائين پهچائي ٿو، پر انهن چونڊيل نمائندن جي لاپرواهي ۽ عوام جي مسئلن کان ڪن لاٽار ڪرڻ جو ئي سبب آهي، جو هاڻي عوام سياستدانن منجھان ڪنهن به چڱائيءَ جي اميد نٿو رکي. ساڳيءَ طرح رشوت خوري ۾ رڪارڊ قائم ڪندڙ انهن ئي چونڊيل نمائندن تي ٻاهريون ڌريون جيڪي ملڪ اندر سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿيون، سي به سمورو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ عسڪري ادارن سان ته معاهدا ڪن ٿيون، پر سياسي ڌرين کان پري ڀڄن ٿيون. ان جو وڏي ۾ وڏو مثال پاڪ‑چين اقتصادي راهداري يعني سيپيڪ آهي جنهن جو سمورو ڪاروهنوار عسڪري ڌرين وٽ ئي آهي، فقط ڪاغذن تي صحيح وغيرهه ڪرڻ جو ئي ڪم سويلين ڌرين کان ورتو وڃي ٿو.

نوازليگ جي حڪومت تي ڏکيا ڏينهن ته شروع کانوٺي آيل آهن، جڏهن عمران خان ۽ طاهرالقادري کي حڪومت خلاف ميدان تي لاٿو ويو هو، پر هر ڀيري مٿيون ڌريون نوان گر استعمال ڪندي حڪومت کي سوڙهو ڪرڻ جي چڪر کي لڳل آهن. مثلن، ڊان ليڪس کان ويندي پاناماليڪس تائين اهي سڀ اهڙا معاملا آهن، جن ۾ ڀلي ڏوهه نواز حڪومت جو هجي به سهي، پر انهن معاملن ۾ فقط نواز حڪومت ئي شامل نه آهي. هي جيڪو ايتري عرصي کانوٺي عمران خان ڪرپشن خلاف دانهون ڪري رهيو آهي ۽ هو ميان نوازشريف کي ملڪ جو بادشاهه ۽ چور سڏي رهيو آهي، ڇا ان صاحب پاڻ ڪرپشن ناهي ڪئي؟ ڇا ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت مڪمل ڪرپشن کان پاڪ آهي؟ يقينن نه. عمران خان جي ماضي توڻي حال واري سياست سڀن جي سامهون آهي، جنهن جو هميشه ڪم ئي مٿين ڌرين جي آشيرواد سان ڪو نه ڪو نئون ڊرامو ڪرڻ رهندو پيو اچي. هاڻي آخر ان ماڻهو کان ملڪ جي ڀلائي جي اميد رکجي به ته آخر ڪهڙي؟

جيتري حد تائين رشوت جو معاملو آهي ته سنڌ ۾ پ پ پ جنهن رشوت جا رڪارڊ ٽوڙيا آهن، کان ويندي ڀلا ڪهڙي اهڙي ڌر آهي جيڪا رشوت کان پاڪ هجي. ان باوجود فقط ائڪشن ان ڌر خلاف ئي ڇو ٿو کڄي جيڪا عسڪري ڌرين سان ڪن معاملن تي ٽڪراءَ ۾ اچي ٿي؟ ڇا ملڪ جي مٿين ڌرين کان اها ڳالهه لڪيل هئي ته ايترو عرصو ايم ڪيو ايم ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ دهشتگرديءَ جو راڄ قائم ڪيو ويٺي هئي، هر غيرقانوني عمل ۾ گرفتار ٿيندڙ ماڻهن جو تعلق متحدهه سان ئي رهندو پئي آيو، پوءِ به ان ڌر خلاف ايڏو عرصو خاموشي اختيار ڪرڻ جو سبب ڇا هو؟ انهن سمورن معاملن جي باوجود اوچتو مٿين ڌرين کي ڪيئن سمجھ آئي ته متحدهه ملڪ خلاف هڪ وڏي سازش جو حصو هئي؟ ساڳيءَ طرح پ پ پ جي ڪرپشن ڪنهن کان لڪيل هئي يا لڪيل آهي؟ پوءِ به گذريل حڪومت کان ويندي موجودهه حڪومت تائين ايڏو عرصو نئب آخر ڇو خاموش رهي؟ نئب کي ايڏو عرصو بعد ۾ ئي وڃي ڪيئن عقل آيو ته پ پ پ حڪومت ۽ سندس جوڙيوال ڪامورا رشوت ۾ ملوث آهن؟ اهو ساڳيو ئي نوازشريف آهي جنهن سياست جو آغاز ئي ضياءُ الحق جي اڻ چونڊيل حڪومت کان ڪيو ۽ جيڪو نوازشريف ضياءُ الحق جهڙي آمر کي پنهنجي آئيڊيل شخصيت سمجھندو رهيو آهي، تنهن خلاف 1999ع ۾ فوج سان ٽڪر ۾ اچڻ کان پهرين ڀلا ڪو ائڪشن ڇو نه کنيو ويو؟

موجودهه وقت ۾ ڏٺو وڃي جڏهن نه صرف پاڪستان پر هن پوري خطي جو سياسي وايومنڊل تبديل پيو ٿئي. هڪ طرف افغانستان منجھان آمريڪا نڪرڻ شرط سمورا اختيار انڊيا کي ڏيڻ گھري ٿو، هوڏانهن ايران کان خوفزدهه هجڻ سبب سعودي ۽ ٻين عرب ملڪن سان ملي ڪري آمريڪا ايران کي ڪمزور ڪرڻ جي چڪر کي لڳل آهي. ساڳيءَ طرح سيپيڪ ۽ چين جي ”ون بيلٽ ون روڊ“ واري پاليسي کي جاگرافيائي طورعملي شڪل ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ پاڪستان ۾ تمام گھڻيون تبديليون رونما ٿيندي نظر اچي رهيون آهن.

پاڪستان اندر ته هونئن به اظهار جي آزادي ڪبيرو گناهه سمجھي ويندي هئي، پر هاڻي جڏهن سيپيڪ جي سلسلي کانپوءِ هڪ طرف ٻاهرين سيڙپڪاري جا دروازا کلندي نظر اچن پيا ته ان خلاف هندستان ۽ آمريڪا جي صفبندي به اسان جي سامهون آهي. يقينن آمريڪا ۽ هندستان سڌيءَ ريت ته پاڪستان يا چين تي حملي ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهن ڪو نه، پوءِ اهڙيءَ صورتحال ۾ مقامي يعني پاڪستان اندر ئي ڪجھ عنصرن کي استعمال ڪندي ان سڄي معاملي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. اهڙيءَ صورتحال ۾ ملڪي قوتون به يقينن چوڪس آهن. ملڪ جي مٿين ڌرين جيڪي سيپيڪ سميت سمورا معاملا پنهنجي هٿن ۾ رکيو ويٺيون آهن، تن مطابق انهن رٿائن متعلق سوال اٿارڻ به جهڙوڪ سازش آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ملڪ جي عوام کي ته ڇڏيو پر ملڪ جي حڪومتي ادارن ۾ ويٺل ماڻهن کان ويندي صحافين، تجزي نگارن، ليکڪن، دانشورن ۽ کاٻي ڌر ۽ قومپرست پارٽين کي به مڪمل خبر نه آهي ته آخر اها سيپيڪ آهي ڪهڙي بلا؟ جيڪڏهن رياستي ڌريون يا حڪومت اها دعوي ڪري ٿي ته راهداري معاهدو پاڪستان لاءِ تمام گھڻو فائديمند آهي، جيڪو ملڪ لاءِ ترقيءَ جو نيون راهون کوليندو، کي مڃي به وٺجي تڏهن به اهو ڄاڻڻ ته هر ڪنهن جو حق آهي نه ته اهو سڀ ڪجھ ڪيئن ممڪن ٿيندو. مثلن، هڪ دعوا اها آهي ته راهداري معاهدي جي مد ۾ جيڪي 54 بلين آمريڪي ڊالر ملڻا آهن، سي پاڪستان اندر ترقياتي رٿائن لاءِ چيني حڪومت طرفان پاڪستان جون حدون (گوادر وغيرهه) ڏيڻ عيوض امداد آهي. پر ٻئي طرف ان راءِ جي ابتڙ اها راءِ به موجود آهي ته اهي 54 بلين آمريڪي ڊالر وياج سميت پاڪستان کي واپس ڪرڻا آهن. خير ڪجھ به هجي پر جڏهن اهڙو ماحول ٺاهيو ويندو جو عوام کي ڪجھ به نه ٻڌايو وڃي ته يقينن عوام جي ذهنن ۾ شڪ جنم وٺن ٿا جن جو فائدو راهداري معاهدي جون مخالف ڌريون کڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون.

تازو هي جيڪو پاناماليڪس وارو معاملو هلي پيو جنهن تحت ڪڏهن ميان نوازشريف خد کي ته ڪڏهن سندس پٽن ۽ هاڻي ته سندس ڌيءُ مريم نواز کي جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيڻو پيو، سو سڄو معاملو به اصل حڪومت بمقابلا مٿيون ڌريون جي ئي ڪڙي آهي. ڇاڪاڻ ته هلو مڃي ورتوسين ته نوازشريف ۽ سندس خاندان ڪرپشن ذريعي ايڏو پئسو گڏ ڪيو (جيڪو سو سيڪڙو ممڪن آهي) پر وري ساڳيو سوال ٿو پيدا ٿئي ته ان سڄي معاملي جا پيرا ته ڪيئي سال پوئتي وڃن ٿا. اهو پئسا گڏ ڪرڻ وارو معاملو نئين ڳالهه ته آهي ڪو نه. بهرحال، جيڪڏهن اهو مڃي وٺجي ته دير ئي سهي پر گھٽ ۾ گھٽ شريف خاندان جي ڪرپشن جو ڀانڊو ته ڦاٽو، پر اهڙي ڪرپشن ۽ ان کان به وڌيڪ سنگين ڏوهه جهڙوڪ قانون ۽ آئين لتاڙڻ جهڙا ڪم ته ايوب خان، يحيي خان، ضياءُ الحق ۽ مشرف به ڪيا هئا، انهن خلاف ڪيتري ڪاروائي ڪئي وئي آهي؟ ٻيا ڇڏيو پر پرويز مشرف ته زندهه ويٺو آهي نه، ان خلاف جڏهن مقدمو هليو ته هن کي بچائڻ لاءِ ساڳيون ئي مٿيون ڌريون آخر ايڏيون سرگرم ڇو هيون؟

رشوت سميت هر غيرعوامي ڪم کي نندڻ گھرجي، پر ان لاءِ اهو شرط نه هجڻ گھرجي ته هر اهو ماڻهو تيستائين احتساب کان آجو هوندو، جيستائين هو مٿين ڌرين جي ڪم جو ماڻهو آهي. تنهنڪري، هن پوري خطي سميت پاڪستان اندر جيڪي تبديليون نظر اچي رهيون آهن، تن جو ملڪ اندر عوامي سياست تي ڏاڍو برو اثر پئجي رهيو آهي، جنهن جو وڏو مثال هرروز ملڪ جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ منجھان سياسي ۽ علمي شخصيتن جي گمشدگي يا چچريل لاش ملڻ جو سلسلو آهي. مطلب پورو پورو بندوبست ڪيو پيو وڃي ته لالچائي، ڌمڪائي يا پوءِ ماري هر ان آواز کي دٻايو وڃي جيڪو تازي صورتحال متعلق ڳالهائڻ ۽ سوال پڇڻ جي جرئت ڪري ٿو. پر مٿين ڌرين کي اهو نه وسارڻ گھرجي ته اهڙن عملن جي ڪري ئي وڏين وڏين بغاوتن پئي جنم ورتو آهي جن هڻي وڃي هنڌ ڪيو آهي. تنهنڪري، ملڪ اندر ترقي وارين رٿائن جي راهه ۾ رڪاوٽ جي نندا ضرور ڪرڻ گھرجي، پر جيڪڏهن ان ترقيءَ جو فائدو ملڪ جي عوام کي نه ملي ته پوءِ اهڙي ترقي ڪهڙي ڪم جي؟      

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

پڙهيل لکيل مرد به پراڻين سوچن کي نه بدلائيندا ته سماج ڪيئن بدلجندو!:حميده گهانگهرو

دنيا جا سڀئي سماج ۽ نظريا عورتن جي خلاف آهن، انڊيا کان آيل سابق ڪميونسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے