23 منگل , اکتوبر 2018

’بي.بي.سي‘ ريڊيو ۾ منسٽر ديانڌي مارن سان ملاقات ٿي!:ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

14 جولاءِ 2006ع تي هيروٺڪر ۽ مان لنڊن جي ميٽرو ٽرين، وڃي ’ٽوٽينهم ڪورٽ روڊ‘ اسٽيشن تان سينٽرل ريلوي لائين تي ’ايلنگ‘ طرف ويندڙ ٽرين ۾ صرف هڪ منٽ جي سواري ئي مس ڪيئي ته پهرين اسٽيشن ئي هوبورن ‘Horborn’ هئي؛ جتي اسان کي لهڻو هئو. لنڊن ۾ ’هوبورن“ اسٽيشن جي ڏاڍي وڏي اهميت آهي؛ جتي ٻاهر نڪرڻ سان هڪ طرف ’برٽش ميوزيم‘ ته ٻئين طرف ‘Aldywich’ واري ايريا ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا سفارتخانه واقع آهن.

اسٽيشن کان ٻاهر نڪري اولهه طرف ٿورو ئي اڳيان هلبو؛ ته بلڪل سامهون جيڪا جهوني زماني جي هڪ شاندار عمارت نظر ايندي، اُها ’بي.بي.سي.ريڊيو‘ آهي. ان جي کاٻي پاسي وري ’انڊيا هائوس‘ (انڊين هاءِ ڪميشن) آهي اسين بي بي سي ريڊيو ۾ اندر داخل ٿيندي ئي رسيپشن تي پنهنجي ميزبان ’شوڪانت شرما‘ لاءِ  ٻڌائيندي اڃا ٿوري دير ئي صوفا تي مس ويٺاسين، جو هو پاڻ هيٺ لهي آيو ۽ اسان ٻنهي سان بيحد محبت منجهان مليو  ۽ هوُ گهڻو اڳ آل انڊيا ريڊيو، دهليءَ جي هندي نيوز سيڪشن ۾ ڪم ڪندڙ هئو. هن فٽافٽ اسان ٻنهي لاءِ ‘Visitor’s Pass’ ٺاهرائي ورتي ۽ اندر گهڙي اسان کي ستين ماڙي تي ’بي.بي.سي. ريڊيو‘ جي هندي ۽ اردو سيڪشن ۾ وٺي آيو.

هڪ وڏي شاهي هال ۾ الڳ الڳ چيمبر ٺاهيندي گهڙڻ سان ئي کاٻي طرف هندي سيڪشن ۽ ساڄي طرف اردو سيڪشن جو اسٽاف پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري رهيو هئو. شِوڪانت سڌو ئي هلي اسان کي پنهنجي چيمبر ۾ ويهاريو ۽ ڀرسان ئي اردو سيڪشن مان اتان جي چيف، شفيع جامي صاحب کي وٺي آيو. شفيع جامي بيحد خوش ٿيو؛ جڏهن کيس خبر پيئي ته اسين سنڌي آهيون ۽ هينئر ئي ٽورونٽو مان سانا سنڌي ڪنوينشن تان موٽيا آهيون. سنڌ، جيئن ته پاڪستان جو ٻيو نمبر وڏو صوبو آهي، ته هن پڻ اشتياق ڏيکاريو ته اسان ٻنهي جو گڏيل انٽرويو اردو سيڪشن لاءِ رڪارڊ ڪيو وڃي!

اڃا شفيع جامي ڪجهه تياري ڪرڻ ويو ته ان مهل وارو هندوستان جو ٽيلي ڪميونيڪشن منسٽر، ديانڌي مارن ’بي.بي.سي.‘ هندي سروس جي اسٽاف سان گڏ رڪارڊنگ اسٽوڊيو مان ٻاهر نڪتو. هوُ ايندي ئي شِوڪانت سان مليو ته ساڳئي خوش اصلوبيءَ سان اسان سان پڻ هٿ ملايائين، نيري فل سوٽ ۾ ملبوس ڳاڙهو ڳٽول؛ جيترو سهڻو لڳي رهيو هئو اوترو ئي کيس بلند اخلاق پڻ مليل هئو. هن اسان جي بيٺي ئي ڳالهيون ڪيون ۽ پوءِ ڪيڏانهن هليو ويو.

شفيع جامي، هيرو ٺڪر ۽ مون کي اسٽوڊيو اندر وٺي هلي گڏ ويهاريو ۽ ويچار هئس ته پندرهن منٽن لاءِ ٻنهي جو گڏيل انٽرويو ڪندو. پر جيئن ئي هُن هيروٺڪر کان پهريون سوال پڇيو ته پوءِ صرف ان جو ئي انٽرويو ارڙهن منٽ رڪارڊ ڪندو رهيو. بعد ۾ هن رڪارڊنگ روڪيندي اسان کي ٻڌايو ته بهتر ٿيندو ته هوُ اسان ٻنهي جو الڳ الڳ انٽرويو ئي نشر ڪري. ان لاءِ هن مون کان پڻ تفصيلانه انٽرويو ورتو. هن جا مجموعي سوال ٽورنٽو واري سنڌي ڪنوينشن، هندوستان ۾ سنڌين جي مسئلن ۽ هندوستان-پاڪستان جي باهمي ناتن متعلق ئي هئا. مون ڪوشش ڪري سياست کان پاڻ بچائيندي پنهنجي جوابن کي شفيع رخ پئي ڏنو. جڏهن ته جامي صاحب ڪوشش ڪندو رهيو، ته آءٌ ڪجهه سياسي ماحول بابت به سڌيءَ طرح ڳالهايان.

بهرحال، مون هندوستان-پاڪستان ٻنهي ملڪن جي باهمي ناتن بابت اميد ڏيکاري ته اهي وڌيڪ سڌرندا؛ جنهنجو فائدو سنڌ-هند جي مسلم طبقي توڙي تمام سنڌي هندن کي پڻ ملندو.مون اهو پڻ چيو ته خدا ڪندو ته هيءُ ٻيئي ملڪ اقتصادي طور به هڪ نئين تاريخ لکندا. مون کيس اهو به ٻڌايو ته صرف چار ڏينهن پوءِ ايندڙ 18- جولاءِ 2006ع تي اسان جي ممبئي يونيورسٽيءَ جو ڏيڍ سئو ساله سالگره وارو جشن ٿيڻو آهي. ان تقريب جي صدارت لاءِ ڀارت جو صدر اي.پي.جي.عبدالڪلام ممبئي يونيورسٽيءَ اچڻو آهي؛ جنهنجي مبارڪ هٿن سان ان شاندار جشن جو افتتاح ڪيو ويندو.

انٽرويو پورو ڪري ٻاهر نڪتاسين ته شفيع جاميءَ ٻڌايو ته اهي بي.بي.سي.ءَ طرفان چار ڏينهن پوءِ 18-جولاءِ تي ئي منهنجو انـٽرويو نشر ڪندا ۽ بعد ۾ ڪنهن مناسب ڏينهن تي هيرو ٺڪر جو انٽرويو به ڏنو ويندو!

شفيع جاميءَ کان موڪلائڻ کانپوءِ شِوڪانت اسان کي نيوز اسٽوڊيوز ۾ وٺي هليو؛ جتي ان ڏينهن شام جي نشر ٿيندڙ اردو سروس واري پروگرام جي رڪارڊنگ ۽ ساڻ ساڻ ايڊيٽنگ پڻ ٿي رهي هئي. اردو سيڪشن ۾ هڪ سنڌي ڀاءُ جمال سومرو به سروس ڪندڙ هئو. اسين شوڪانت جي مدد سان ان سان به ملياسين؛ تڏهن خبر پيئي ته هو نه صرف سنڌ پر لاڙڪاڻه جي ئي سرزمين سان وابسته آهي. جمال سومرو پڻ بيحد پاٻوهه منجهان مليو.

پوءِ ته شِوڪانت اسان کي ٿرڊ فلور تي بي.بي.سيءَ جي وشال ڪينٽين ۾ وٺي هليو، جتي ڪجهه ناشتو ڪيوسين. بعد ۾ اسين شِوڪانت کان موڪلائي هڪ انڊر گرائونڊ ٽرين ۾ ‘Queensway’ اسٽيشن آياسين. جتي ٻاهر نڪرڻ سان ئي سامهون هائيڊ پارڪ هئو. اهو ايڏو وڏو باغيچو آهي، جو ان سان گڏوگڏ هلندي نه صرف بسين کي ڪيترائي اسٽاپ اچن ٿا؛ پر خود انڊرگرائونڊ ٽرين جون به ٻه ٽي اسٽيشن اچن ٿيون.

لنڊن ۾ منهنجو هيءُ ٽيون دورو هئو پر هيل تائين هائيڊ پارڪ آءٌ صرف بس جي دريءَ مان گذرندي ڏٺو هئو. اڄ ان وشال پارڪ  اندر داخل ٿياسين ته ابا هڻ هڻان پئي پيئي! ڪجهه ئي اڳيان هڪ خوبصورت ڍنڍ پڻ هئي؛ پر اسين صرف پري کان ئي درشن ڪندي واپس موٽياسين؛ جو اسان کي پنهنجي ميزبانن وٽ رات جو ٽائيم سان واپس موٽڻو هئو.

لنڊن ۾ 14 کان 16-جولاءِ 2006ع تي ’ايشين لائيف اسٽائيل‘ نمائش لڳل هئي؛ جنهن لاءِ گيتا ۽ راج 15-جولاءِ جو پروگرام اڳواٽ ئي ٺاهي ڇڏيو هئو. ان ڏينهن تي صبح جو سندن نياڻي انيتا به آئي ته مون سان بلڪل ايڏي ته سڪ منجهان ملي ڄڻ آءٌ راج جو ئي ننڍو ڀاءُ هجان!

راج پنهنجي مرسڊيز ڪار ۾ گيتا، انيتا ۽ مونکي ’اولمپيا گرانڊ هال‘ ۾ وٺي هليو؛ جتي اها نمائش لڳايل هئي. الائي ڪيترا يڪڙ ايراضيءَ تي ڦهليل اهو هڪ ڏاڍو وڏو هال هئو؛ جتي پارڪنگ لاءِ پڻ ڪجهه جاءِ مخصوص ڪيل هئي.

انيتا کي هال جي گيٽ تي ئي پنهنجي ساهيڙي شوڀا ملي؛ جيڪا پڻ اسان  سان ئي اندر هلڻي هئي. گيتا جي فرزند آڪاش اڳواٽ ئي اسان لاءِ پنج ٽڪيٽون بوڪ ڪرائي ڇڏيون هيون. هال ۾ اندر داخل ٿيندي ئي رسيپشن تان بروشر کنيوسين؛ جنهن ۾ ان نمائش جا سمورا تفصيلات درج ٿيل هئا. نمائش جي ايڏي وڏي دائري کي ڏسي ئي هڪ مسرت جو احساس پئي ٿيو. هر عمر جا شخص، ٻار، ٻڍا، نوجوان؛ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون سڀ تيار ٿي ان نمائش جو لطف ماڻڻ لاءِ آيل هئا.

لکين ماڻهن جو انبوه هئو. هال اندر بلڪل سٽا سان لائين ۾ حاطا لڳائيندي ڪُل 212 الڳ الڳ اسٽال ٺاهيل هئا. اهم اسٽال لنڊن جي تعليمي ادارن  جا هئا. جيڪي ٻاهران ايندڙ Visitors کي پنهنجي الڳ الڳ ڪورس جا تفصيلات ڏيئي رهيا هئا.

ڪجهه اسٽال دبئيءَ جي بلڊرس جا به هئا، جيڪي دبئيءَ لاءِ ريئل اسٽيٽ لاءِ اتي نمائش ۾ ئي بوڪنگ ڪري رهيا هئا. ڪيترا اسٽال ‘Consumable Items’ جا هئا، ڪجهه ريسٽارنٽ ٺاهيل هئا، اليڪٽرانڪ اسٽورس؛ ‘FM Radios’ اسٽال جتي ڪيترائي جوڪي لائيو ڪمپيئرنگ ڪري رهيا هئا. چانهن/ڪافي ڪمپنيون پنهنجي پراڊڪٽ پروموٽ ڪرڻ لاءِ فريءَ ۾ ئي گرم گرم چانهن/ڪافي پيئاري رهيون هيون. اسٽيشنريءَ جي اسٽال تان ڪيترائي ائٽم ڪامپليمينٽري طور ملي رهيا هئا ته ڪٿي وري نمائش جي سووينر طور هينڊ بيگ پئي ورهايا ويا. اهم ڳالهه  اها هئي ته نمائش جو نالو ڀل ’ايشين لائيف اسٽائيل‘ رکيل هئو، پر آيل تمام ماڻهو صرف هندوستاني ۽ پاڪستاني نسل جا ئي پئي نظر آيا.

اولمپيا هال اندر منتظمين رٿابندي ڪندي 9 الڳ الڳ  اسٽريٽ ٺاهيون هيون؛ جن ۾ جنرل آئٽم: جويلري، بيوٽي-فوڊ؛ ٽريول، فيشن، هيئر ڊريسنگ؛ اسپورٽس، هيلٿ ۽ فٽنيس؛ انٽرٽينمينٽ ٽيلي ويزن ۽ بلڊرس؛ شاديءَ جو سازو سامان، فيشن ۽ اسٽائيل؛ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم سان وابسته اسٽال ۽ آخرين نائين گهٽيءَ ۾ ٻيهر جنرل ائٽم رکيل هئا.

انهن تمام گهٽين جي بلڪل ئي پٺيان وري هڪ وڏو شاهي هال هئو، جتي هڪ بلند اسٽيج لڳايل هئي. ان مهل اُتي انڊين فلم ايڪٽريس لارا دتا (جيڪا ڪڏهن مس يونيورس جو خطاب پڻ ماڻي چڪي هئي) مائيڪ تي بيٺي ئي پبلڪ سان ڳالهيون ڪري رهي هئي. هوءَ وائيٽ اسڪرٽ ۾ هڪ خوبصورت پريءَ جيان لڳي رهي هئي. لنڊن ۾ رهندي به تقريبن سمورا وزيٽرس انهن فلم اسٽارس جي جهلڪ پائڻ لاءِ به ڇتا لڳا پيا هئا.

ٿورو پٺيان مڙياسين ۽ هڪ اليڪٽرانڪ اسٽال تي آياسين ته انڊين فلم اسٽار وويڪ اوبيراءِ موجود هئو؛ جنهن سان ڪيترائي نوجوان هٿ ملائي رهيا هئا. ٿوري دير ۾ فلم ايڪٽريس پريتي زنٽا به اچي ويئي ته ان لاءِ به پرستار اصل عاشق لڳا پيا هئا. ان کان اڳ منهنجو تجربو اهو رهيو هئو ته انهن ملڪن ۾ انڊين فلم ڪلاڪارن کي ڪير ڏسندو به ڪونه هئو، پر اُتيجيئن ته هئا ئي اسان جي نسل جا ماڻهو ته اهي پنهنجي ڪلاڪارن جو درشن ڪري بيحد خوش ٿي رهيا هئا.

آڪاش، اسان کي ٽڪيٽن سان گڏ فوڊ ڪوپن پڻ ڏيئي ڇڏيا هئا. پوءِ جڏهن ٿڪجي پياسين ته هڪ ريسٽارنٽ تي وڃي اهي ڪوپن ڏيئي ماني کاڌيسين. بعد ۾ هڪ اسٽال تي رکيل ڪيريم بورڊ تي گيتا، انيتا، شوڀا ۽ مون ڪجهه دير ويهي. اها راند ڪيئي. ڪڏهن اسڪولي زماني ۾ لاڙڪاڻي واري گهر ۾ اُها ساڳي راند ڪندا هئاسين، آءٌ زندگي جو هڪ ڊگهو عرصو طئه ڪندي اڄ ٻيهر ڪيرم بورڊ کي هٿ لڳايو هئو. فطرتن ڪافي لطف پئي آيو.

ائين پورو ڏينهن ان نمائش ۾ گذاريندي ٻاهر نڪري اسين شوڀا کان موڪلايو ۽ گهر ڏانهن ايندي رستي تي ’رايل البرٽ هال‘ لنڊن جو ٻاهريون نظارو پڻ ڏٺوسين؛ جتي ڪڏهن لتا منگيشڪر جو لائيو ڪنسرٽ ٿيو هئو ۽ دليپ ڪمار ان جي ڪمپيئرنگ ڪيئي هئي.

16-جولاءِ 2006ع تي ان دوري لاءِ لنڊن ۾ منهنجو آخرين ڏينهن هئو، راج، گيتا ۽ مون ويٺي ڪچهري  به ڪيئي ته ناشتا پاڻي به ڪري ورتاسين. ديپڪ گنگاراماڻي، مون کي فون تي پنهنجي گهر اچڻ لاءِ ڏاڍو زور ڀري رهيو هئو پر مونکي جيئن ته منجهند جو ئي ايئرپورٽ لاءِ اسهڻو هئو ته آءٌ کانئس معذرت ورتي. پوءِ منجهند ڌاري جڏهن گيتا ۽ راج مون کي پنهنجي مرسيڊيز ڪار ۾ هيٿ رو ايئرپورٽ ٽرمينل-III تي ڇڏڻ پئي هليا ته آڪاش به پهچي ويو. هوُ خاص مون کان موڪلائڻ ئي آيو هئو.

اسين 1:55 بجي منجهند جو ايئرپورٽ لاءِ روانا ٿياسين. ايئرپورٽ پهچي آءٌ جلد ئي  ٽرالي کڻي ڪار مان پنهنجو بئگيج لاهي رکيو ۽ راج ۽ گيتا کان موڪلائي ٽرالي گهليندي هيٿرو-ٽرمينل-III اندر داخل ٿيس. آءٌ بورڊنگ پاس ٺهرائڻ کانپوءِ وشال، ڊيوٽي-فري مارڪيٽ جو سير ڪندو سيڪيورٽي سيڪشن مان ٿيندو پنهنجي مخصوص گيٽ وٽ اچي ويهي رهيس.

ان ڏينهن ايئر انڊيا جو 747-بوئنگ ايئرڪرافٽ ڪجهه ليٽ ٿيندي 5:25 بجاءِ 6:51 بجي شام جو ائرو برج کان الڳ ٿيندي احمد آباد لاءِ اٺ ڪلاڪ نان اسٽاپ اڏام ڀرڻ لاءِ ٽيڪ آف ڪيو. 17 جولاءِ 2006ع هندستاني ٽائيم موجب صبح جا 7:34 بجه ٿيا هئا، جو اسين احمد آباد جي ولڀ ڀائي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيوسين. احمد آباد جا مسافر لهي ويا؛ جهاز جو ڪريوَ اسٽاف پڻ تبديل ٿيو ۽ ٻيهر اڏام ڀريندي پوري 9:00 بجي اسين ڇترپٽي شِوا جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ، ممبئي تي اچي پهتاسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ بهترين سگهڙ ميان پير بخش پيرل مڱريو :مهتاب علي مڱريو 

  سگهڙ فقير ميان پير بخش (پيرل) مڱريو سنڌ جو صف اول جو ڀلوڙ سگهڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے