13 جمعرات , دسمبر 2018

عاجز غلام رسول ابڙي جو ڪتاب ”درد نگر جا ماڻهو“ :فرزانا شاهين

محترم عاجز غلام رسول ابڙي جو ڪتاب ”درد نگر جا ماڻهو “ ڊگهي رياضت جو ثمر آھي محترم عاجز غلام رسول جي سادي، عام فهم، لفظي ٽڪساٺ ۽ مصنوئي سجاوٽ کان آزاد شاعري آھي، عاجز جي سموري شاعريءَ جو جيڪڏهن تت ڪڍجي ته هن ڌرتيءَ جي دردن لاءِ لکيو آھي، سنڌ سان بي پناھ عشق، سنڌ جي بهتر مستقبل جي ڳڻتي هن جي شاعراڻي مزاج تي ڇانيئل آھي، ايئن کڻي چئجي ته هن درد جي نگر جي ماڻهن جي سورن کي پنهنجو سمجهيو ۽ ڀوڳيو آھي هن جي سموري شاعريءَ ۾ ھر موضوع سان نڀاءُ سنڌ جي حالتن ڏانهن ڏسڻ سندس شاعراڻي پختگيءَ جي نشاني آھي عاجز سونهن، وڇوڙا، درد، انتظار تي بي ساختا احساسن جي اپٽار ڪئي آھي، اهو ئي سبب آهي جو شاعري پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ  واھ واھ چوڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي.

ڪاري ڪاري رات انڌار،

ماٺ ۾ آھي دنيا ساري.

ياوري

اسان جي نگر جون هزارين ڪهاڻيون،

سي ڪاڇي ۽ ٿر جون هزارين ڪهاڻيون.

استاد عاجز جي شاعريءَ ۾ دردن جو درمان ملي ٿو، هن زندگيءَ جي هر ڪيفيت مان گذرندي لڇيو ۽ لکيو آھي سندس هر سٽ پيڙا جو پورهيو آھي.

بک نه مٽائي مارن جي تنهنجو هي،

کيسي جو ناڻو ڪهڙي ڪم جو آ.

اهڙا کوڙ سارا شعر آھن جن کي پڙھي محسوس ٿئي ٿو ته عاجز ابڙي جو قلم سماج جي هر رخ تي ڏُکي لکي ٿو، سندس شاعري ڌرتي،  سرتي، اوکي، سوکي جي فطرتي پيڙائن جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿي، عاجز سنجيده شاعر آھي، جنهن مان اهائي اميد رکي سگهجي ٿي ته هن جي سوچ صلاحيت ۽ شاعراڻي ڏات، سدا سهڻي سنڌ جي بهتر مستقبل جا خواب اڻندي. هي خوبصورت ڪتاب ”درد نگر جا ماڻھو“ جنهن جو مهاڳ محترم امر اقبال لکيو آھي، بيڪ ٽائيٽل تي شبانا عالماڻيءَ ۽ آسي زمينيءَ جا خوبصورت تاثر آهن، بهترين تاثرن سان سينگاريل هن ڪتاب جو ٽائيٽل انتهائي خوبصورت آھي، عاجز غلام رسول جو هي خوبصورت مجموعو ”درد نگر جا ماڻهو“ مُرڪَ پبليڪيشن ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. اميد اٿم ته ڪتاب ”درد نگر جا ماڻهو“ ادبي کيتر ۾ ضرور مڃتا ماڻيندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

پڙهيل لکيل مرد به پراڻين سوچن کي نه بدلائيندا ته سماج ڪيئن بدلجندو!:حميده گهانگهرو

دنيا جا سڀئي سماج ۽ نظريا عورتن جي خلاف آهن، انڊيا کان آيل سابق ڪميونسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے