18 منگل , دسمبر 2018

ناليواري شاعر شهاب عباسي جي شاعري جي ڪتاب جي مهورتي تقريب جو احوال:انور سنڌي

مائي جي مٺاس ۽ مينديءَ جي هڳاءُ جي حوالي سان ملڪان ملڪ مشهور ميهڙ شهر ۾ ٽينهين تاريخ جمعي جي ڏينهن تي صبح جو ڏهين بجي هڪ بنهه منفرد پروگرام شروع ٿيو ۽ اهوپروگرام دوستي سٿ سنڌ طرفان ٻن سيشنن تي مشتعمل پروگرام هو.پهريون سيشن خوبصورت شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي خزانچي جي سهيڙيل سدا بهار شاعر شهاب عباسيءَ جي شعري مجوعي جي مهورتي تقريب  ۽ ٻيو سيشن مشاعرو هو.!

دوستي سٿ. سنڌ هڪ نئون ادبي پليٽ فارو ميهڙ  جي ساٿين جوڙيو آهي ۽ اهي  ساٿي احمد شاڪر، احسان زنگيجو، الله ڏنو مسرور ڀٽو، الله ورايو ڀٽو ۽ انور سنڌي آهن. دوستي سٿ جو هي پهريون ۽ افتتاحي پروگرام هو جنهن ۾ سنڌ جي انتهائي سٺن نالي وارن اديبن جي شرڪت هئي. پروگرام جي شروعات حبيب حضوري قرآن ڪريم جي ورد سان ڪئي  ۽  آيل دوستن کي خوبصورت لفظن سان آجياڻو الله ڏنو مسرور ڀٽو پيش ڪيو. ان کان بعد دوستي سٿ. سنڌ جو تعارف ۽ مقصد احمد شاڪر پيش ڪيو ۽ ان کان پوءِ راقم قومي گيت پيش ڪيو. آيل مهمانن ۾ دوستي سٿ. سنڌ جو تعارفي هينڊ بل ورهايو ويو.

پهريون سيشن مهورت تقريب جي صدارت سنڌ جي ڀلوڙ شاعر مارو جمالي ڪئي. خاص مهمان سنڌي ادبي سنگت دادو جو اڳوڻي رابطه سيڪريٽري عبد مگسي هيو ۽ اعزازي مهمان ڪتاب سهيڙيندڙ ذوالفقار گاڏهي هيو. پهريان پهريان ڪتاب جي تاڙين جي گونج ۾ مهورت ٿي ۽ ان کان بعد ڪتاب تي بخت ٻرڙو ۽ وفا منظور پنهور پيپر پڙهيا ۽ معصوم بخاري، گوهر گل ڳورڙ ۽ مصطفيَ چني ڪتاب تي پنهنجا ويچار ونڊيا. ڪتاب تي ڳالهائيندي عبد مگسي چيو ته ذوالفقار گاڏهي شهاب عباسي جو ڪتاب سهيڙي شهاب عباسيءَ کي هڪ دفعو ٻيهر زندهه ڪيو آهي. ڪتاب سهيڙيندڙ ذوالفقار گاڏهي چيو ته، مان دوستي سٿ جو شڪر گذار آهيان جو مونکي هنن ايڏو وڏو مانُ ڏنو آهي ذوالفقار گاڏهي وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته مون ڪتاب سهيڙي پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي ۽ اسان شهاب عباسيءَ کي ڪڏهن به وساري نٿا سگهون. پهرين سيشن ڪتاب جي مهورتي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي نوجوان شاعر مارو جمالي موجوده وقت ۾ ادبي سياسي صورتحال تي انتهائي خوبصورت  خيان جو اظهار ڪيو ۽ دوستي سٿ جي نوجوانن کي اتساهه جي آٿت پڻ ڏنائين ۽ وڌيڪ سندس چوڻ هيو ته ذوالفقار گاڏهي يارن جو يار آهي ۽ هيءُ اهڙي مڃتا لهڻي ۽ دوستي سٿ وارن ذوالفقار گاڏهي جي سهيڙيل ڪتاب جي تقريب رکي هڪ انتهائي خوبصورت عمل ڪيو آهي ۽ سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته شهاب عباسي پورهيتن جي نمائيندگي ڪندڙ شاعر هيو.!

ٻيو سيشن مشاعرو هيو جنهن جي صدارت ڪندڙ سنڌ جو انتهائي خوبصورت  شاعر گلزار هيو. خاص مهمان سيتا روڊ کان ڪهي آيل خوبصورت شاعر وسيم آڪاش سيتائي هيو ۽ اعزازي مهمان رومانوي شاعر معصوم بخاري ۽ آزاد انور ڪانڌڙو هيا. ٻيو سيشن مشاعري وارو انتهائي منفرد سيشن رهيو جنهن ۾ سيتا روڊ، خيرپور ناٿن شاهه، دادو، راڌڻ، ٿرڙي محبت، پيارو اسٽيشن، سوڀو خان مگسي جي انتهائي خوبصورت شاعرن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي لاجواب شاعري ٻڌائي واهه واهه ڪرائي ڇڏي.  مشاعري ۾ جن شاعرن پنهنجي شاعري پيش ڪئي انهن ۾ ذوالفقار گاڏهي، مارو جمالي، گلزار، معصوم بخاري، آزاد انور ڪانڌڙو، وسيم آڪاش سيتائي، احسان زنگيجو، احمد شاڪر، الله ورايو ڀٽو، الله ڏنو مسرور ڀٽو، گوهر گل ڳورڙ، نماڻو صديق مهيسر، اويس قرني، محمد خان اسد بروهي، وفا اشفاق مگسي، زخمي زاهد سهارڻ، نعيم لاکير، حبيب حضوري، مولائي منظور کوسو، عاشق علي عاشق، احسن ابڙو، مانجهي زرداري، محبتي زرداري، صابر سيدپوري، وفا منظور پنهور، وفا عباس جتوئي، جاني غفور ڇٽو، مير خان جسڪاڻي ۽ ٻين شاعرن پنهنجي خوبصورت شاعري پيش ڪئي.ٻئي سيشن مشاعري کي صدارتي خطاب ڪندي گلزار چيو ته اڄ هتي جيڪا به شاعري پيش ٿي آهي سچ پڇو ته اها پڪ ٿي آهي ته سنڌي شاعري اڳتي گهڻو اڳتي اڀري رهي آهي ۽ آئون دوستي سٿ جي نوجوانن کي هن ڪامياب پروگرام ڪرڻ تي مبارڪ باد ٿو پيش ڪيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

باگڙي برادريءَ جي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ سرگرم ”بَيبِي باگڙي“:خادم رند

باگڙي قبيلي جو ڳاڻيٽو سنڌ جي قديم ۽ اوائلي ماڻهن ۾ ٿئي ٿو،  ان ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے