17 ہفتہ , نومبر 2018

شامي شهر ادلب ۾ آپگهاتي ڌماڪو، 37 ڄڻا مارجي ويا

دمشق (ويب ڊيسڪ): شامي شهر ادلب ۾ آپگهاتي بمبار بارود سان ڀريل گاڏي باغين جي هڪ ميڙ سان ٽڪرائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 37 ڄڻا مارجي ويا ۽ 52 زخمي ٿي پيا، ڌماڪي ۾ هڪ ٽيڪسٽائيل فيڪٽري تباهه ٿي وئي جنهن کي حياه تحرير الشام نالي باغي گروپ پنهنجي مرڪزي آفيس طور استعمال ڪري رهيو هو، ياد رهي ته حيات تحرير الشام نالي تنظيم جو تعلق القاعده سان رهيو آهي، جيڪو بعد ۾ النصره فرنٽ ۾ ضم ٿي ويو هيو، ميڊيا رپورٽ مطابق ادلب شهر جي وڌيڪ حصي تي عسڪريت پسند ويڙهاڪن جو قبضو آهي، جڏهن ته ترڪي جي سرحد سان ملندڙ ان صوبي ۾ ڪنٽرول جي خواهشمند عسڪريت پسند گروعپن وچ ۾ وڏي عرصي کان ويڙهه جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جمال خاشقجي جو قتل سعودي عرب جو گهرو معاملو آهي: عادل الجبير

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جمال خاشقجي جي قتل کي عالمي معاملو مڃڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے