17 ہفتہ , نومبر 2018

ترڪي ۾ ناڪام فوجي بغاوت جو هڪ سال مڪمل، وڌيڪ 7 هزار سرڪاري ملازم برطرف

انقره(ويب ڊيسڪ) ترڪي ۾ ناڪام فوجي بغاوت کي هڪ سال مڪمل ٿي چڪو آهي، اڄ سڄي دنيا ۾ موجود ترڪ شهري ريليون ۽ جلسا جلوس ڪڍي رهيا آهن جڏهن ته ترڪ صدر رجب طيب اردگان خاص خطاب به ڪندو. ناڪام بغاوت جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي وڌيڪ 7 هزار سرڪاري ملازمن کي برطرف ڪيو ويو آهي جنهن بعد اهو انگ هڪ لک کان وڌي ويو آهي. گذريل سال 15 جولاءِ جو رات دير سان روڊن تي ان وقت جنگ جو ماحول بڻجي ويو جڏهن ترڪ فوج مارشل لا لڳائڻ جي جي غرض سان وڏن هٿيارن سان اهم عمارتن تي قبضو ڪرڻ جي لاءِ ميدان ۾ آئي. ترڪ فوج جي ٻاهر اچڻ تي عوام به روڊن تي نڪري آيو ۽ ٽينڪن جي اڳيان ليٽي پيا. ان سموري ڪارروائي دوران 250 کان وڌيڪ ڄڻا مارجي ويا هئا جڏهن ته عوام جي مدد سان اها بغاوت ناڪام بڻائي وئي. ترڪ صدر رجب طيب اردگان طرفان آمريڪا ۾ مقيم مذهبي اڳواڻ فتح الله گولن تي ناڪام فوجي بغاوت جو الزام لاڳو ڪيو ويو جنهن بعد گولن تحريڪ جي حامين خلاف وڏي پيعامني تي ڪارروائين جو آغاز ڪيو ۽ هزارين سرڪاري ملازمن کي برطرف ڪيو ويو جڏهن ته ڪيترن ئي کي جيلن ۾ وڌو ويو. ناڪام فوجي بغاوت جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي وڌيڪ 7 هزار سرڪاري ملازمن کي برطرف ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ اهو انگ هڪ لک کان وڌي ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے