22 جمعرات , نومبر 2018

جيڪو ڪم پارليامينٽ کي ڪرڻ گهرجي اهو سپريم ڪورٽ پئي ڪري: چوڌري شجاعت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته جيڪو ڪم پارليامينٽ کي ڪرڻ گهربو هو اهو سپريم ڪورٽ ڪري رهي آهي. پاناما ڪيس جو فيصلو تاريخي هوندو جنهن کي صدين تائين ياد رکيو ويندو. پاناما ڪيس تي سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي 600 ماڻهن جي فهرست ملي هئي جنهن مان 6 ماڻهن کي چونڊيو ويو. سپريم ڪورٽ پاڪستان جي تقدير جو جيڪو به فيصلو ڪندي اهو قبول هوندو. هن وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته ملڪ جي بقا جي لاءِ سپريم ڪورٽ مان اهڙو فيصلو ايندو جيڪو ملڪ جي نئين قطار جو تعين ڪندو. نواز شريف جي سوال تي هن جو چوڻ هو ته هن کي هاڻ مستعفيٰ ٿيڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت طرفان مونس الاهي کي وفاقي وزير بڻائڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف ق ليگ جو وفاق ۾ حصو وڌائڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے