20 ہفتہ , اکتوبر 2018

پاناما ڪيس ۾ شريف خاندان کي نااهلي ۽ ملڪيت ضبط ٿيڻ جي سزا ملي سگهي ٿي: فواد چوڌري

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي قانوني ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته پاناما ليڪس ڪيس ۾ 14 سال قيد جي سزا ۽ ملڪيت ضبط ٿيڻ جي سزا ملي سگهي ٿي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته  نواز شريف نااهلي کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته اڄ درخواستگذارن جا دليل مڪمل ٿيندا، سڀاڻي شريف خاندان جا وڪيل دليل مڪمل ڪندا. سندس چوڻ هو ته نعيم بخاري نواز شريف کي عدالت ۾ گهرائڻ جي درخواست ڪئي آهي. فواد چوڌري چيو ته جي آءِ ٽي اهڙي نتيجي تي پهچي جنهن تي سپريم ڪورٽ جا 2 جج پهچي چڪا آهن. هن چيو ته هل ميٽل ڪمپني اصل ۾ نواز شريف جي ملڪيت آهي، سموريون شيون شاهدين سميت سپريم ڪورٽ سامهون اچي چڪيون آهن.سندس چوڻ هو ته جعلي دستاويزن تي مريم نواز هاڻي ڪرمنل ڪيس کي منهن ڏئي رهي آهي. فواد چوڌري چيو ته  نواز شريف ملڪ مان پئسو ڪمائي پرڏيهه ۾ ٻارڙن جي نالي تي ملڪيت ٺاهي رهيو آهي. هن چيو ته قطري شهزادي جو خط به ڪوڙو ثابت ٿي چڪو آهي، شريف خاندان پهريون عوام، پارليامينٽ ۽ هاڻي واري سپريم ڪورٽ سان فراڊ ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته  فيصلي جي شق چار چوي ٿي ته نواز شريف کي عدالت ۾ طلب ڪري سگهي ٿو. فواد چوڌري چيو ته نواز شريف وٽ هڪ ڏينهن آهي، استعيفيٰ ڏئي پاڻ کي جاچ ادارن حوالي ڪري، شريف خاندان پاناما ليڪس جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آهي، کين ڪير به ٻاهر ڪڍي نه ٿو سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اميد آهي ته قطر جلد پاڪستانين کي روزگار ڏيڻ واري معاهدي تي عمل ڪندو: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته قطر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے