15 جمعرات , نومبر 2018

پي ايس 114: ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ واري ڪيس جي ٻڌڻي 19 جولاءِ تائين ملتوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 114 ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ واري ڪيس جي ٻڌڻي 19 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اميدوار ڪامران ٽيسوري جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي ٻڌڻي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ ٿي. پيپلز پارٽي جي اميدوار سعيد غني طرفان سينيٽر اعتزاز احسن الڪيشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو جڏهن ته ڪامران ٽيسوري جو وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو. ڪامران ٽيسوري اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڏني ته ان جو وڪيل بيمار آهي ان ڪري ٻڌڻي ۾ پيش نه ٿي سگهندو. چيف اليڪشن ڪمشنر ايم ڪيو ايم جي اميدوار جي درخواست منظور ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 19 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن اربع تائين ڪامران ٽيسوري جو وڪيل پيش نه ٿيو ته ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ واري درخواست رد ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے