19 پیر , نومبر 2018

پاناما ڪيس جو فيصلو جمعي تائين سامهون اچي ويندو: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته وزير اعظم جي وڪيل عدالت ۾ دليل مڪمل ڪري ورتا آهن ۽ جمعي تائين ان ڪيس جو فيصلو اچي ويندو. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته  وزير اعظم جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته وزير اعظم جي والد جا ڪهڙا اثاثا آهن ان بابت خبر ناهي ۽ اها به ناهي خبر ته نواز شريف جي پٽ جا ڪهڙا اثاثا آهن. هن چيو ته وزير اعظم جو پٽ حسن نواز 16 سالن جي ڄمار ۾ ارب پتي بڻجي ويو پر نواز شريف کي خبر ئي نه پئي. جڏهن به اهي عدالت کان وقت گهرندا آهن ته قطري خط اچي ويندو آهي تنهن هوندي وڪلي سلمان اڪرم راجا دستاويز جمع ڪرائڻ جي لاءِ عدالت کان وقت گهريو آهي جڏهن ته وزير اعظم جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا آهن ۽ جمعي تائين ان ڪيس جو فيصلو اچي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته وزير اعظم جي اقتدار ۾ رهڻ جا باقي ڪجهه ڏينهن بچيا آهن ۽ عهدي کان هٽڻ کان پوءِ ان تي ماڊل ٽائون، پاڪ فوج خلاف سازش ڪرڻ ۽ ترقياتي منصوبن ۾ ڪرپشن جا ڪيس هلندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن مقصد لاءِ قربانيون ڏنيون ان کي حاصل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته هاڻ اسان هائبرڊ عسڪريت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے