22 جمعرات , نومبر 2018

ميان شريف جي شرافت کان زمانو واقف آهي، عمران پاڻ ٺڳ ۽ ڪوڙو سندس پيءُ چور هو: عابد شير علي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته جمهوريت جي اندر ڪنهن قسم جي ٽيمپرنگ جي اجازت ناهي. عمران خان عدالتي اشتهاري آهي جنهن کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن عدالت اچي ويس ته گرفتار ٿي ويندس. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هاڻ ٺڳن ۽ فريبين جو وار نه هلندو، عمران خان ۽ ان جي حوارين جو سپريم ڪورٽ مان تابوت نڪرندو، پنهنجي پاڻ کي بهادر سمجهندڙ عمران خان سپريم ڪورٽ نه پيو اچي، عمران خان گرفتاري جي ڊپ کان عدالت نه پيو اچي. هن چيو ته ميان شريف پنهنجي زندگي ۾ ملڪيت ورهائي ڇڏي هئي، سڄو زمانو ان جي شرافت کان واقف آهي پر عمران خان جو پيءُ چور هو جنهن کي سزا ملي ۽ عمران خان پيدائشي ٺڳ آهي ۽ چور آهي جنهن والد جي چوري جي پيسي مان لنڊن وڃي پڙهائي ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت پئٽرول اگهن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت ايندڙ مهيني عوام کي رليف ڏيڻ جو فيصلو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے