21 بدھ , نومبر 2018

سونم ڪپور جي انوشڪا شرما سان گڏ سيلفي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا سونم ڪپور سوشل ميڊيا تي ساٿي اداڪارا انوشڪا شرما سان گڏ تازي تصوير جاري ڪري ڇڏي آهي. رپورٽن موجب سونم ڪپور اڄڪلهه نيو يارڪ ۾ موجود آهي، جيڪا سينيئر اداڪار سنجي دت جي حياتيءَ تي ٺهندڙ فلم ۾ ٽينا منيم نالي عورت جو ڪردار نڀائيندي، جڏهن ته فلم ۾ انوشڪا شرما پڻ مختصر ڪردار ۾ نظر ايندي. ان ڏس ۾ 32 ورهين جي سونم ڪپور ساٿي اداڪارا انوشڪا شرما سان گڏ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي هڪ تصوير جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻئي اداڪارائون خوبصورت نظر اچي رهيون آهن. واضح رهي ته سنجي دت جي حياتيءَ تي ٺهندڙ فلم ۾ رنبير ڪپور مک ڪردار نڀائي رهيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

راکي ساونت، تنوشري دتا کان معافي وٺي ڇڏي

ممبئي (شوب نيوز)بالي ووڊ جي آئٽم گرل راکي ساونت اداڪارا تنوشري دتا کان معافي گهري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے