22 جمعرات , نومبر 2018

اسپينش فٽبال تنظيم جي سربراهه سوڌو 4 ڄڻا ڪرپشن الزامن ۾ گرفتار

ميڊريڊ (اسپورٽس نيوز) اسپين ۾ فٽبال جي نظام کي هلائڻ واري تنظيم اسپين فٽبال فيڊريشن جي صدر انجل ماريا ولر کي سندس پٽ گورڪا ولر ۽ ٻين فيڊريشن جي عهديدارن سميت ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. اينٽي ڪرپشن جي سرڪاري وڪيل موجب اينجل ماريا ولر کي اسپين ۾ ٿيندڙ فٽبال ميچ ۾ غير مناسب انتظام ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو، جنهن ذريعي سندس پٽ کي ذاتي مالي فائدو حاصل ٿيو هو. انجل ماريا ولر اسپين فٽبال فيڊريشن جو سربراهه هجڻ سان گڏو گڏ فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا جي سينيئر نائب صدر ۽ يورپي يونين فٽبال ايسوسيئيشن يوئيفا جي نائب صدر جي حيثيت سان به پنهنجا فرض انجام ڏئي رهيو هو. هسپانوي پوليس موجب چئني ماڻهن کي فٽبال ميچ جي نامناسب انتظام، فيڊريشن جي غلط استعمال، ڪرپشن ۽ ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائڻ جي الزامن هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آسٽريلوي ڪرڪيٽ جي تاريخ جو پهريون ويٽرنز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ اڄ کان شروع

سڊني (ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ويٽرنز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ منعقد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے