20 منگل , نومبر 2018

ورلڊ ڪپ فائنل ۾ شڪست: سريلنڪن حڪومت 6 سالن کانپوءِ جاچ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) سريلنڪا جي راندين واري وزير 2011ع جي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ فائنل ۾ ڀارت هٿان پنهنجي ٽيم کي تڪراري شڪست تي جاچ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ممبئي ۾ کيڏيل 2011ع جي عالمي ڪپ فائنل ۾ ڀارتي ٽيم سريلنڪا کي شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو هو. شڪست کانپوءِ سريلنڪا جي ان وقت ۾ راندين واري وزير مهندا نندا الٿگاماجي ٽيم جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريندي چيو هو ته ميچ بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون پريشان ڪندڙ هيون. ان معاملي کي 6 سال گذرڻ کانپوءِ ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي سريلنڪن ڪپتان ارجنا رانا ٽنگا به ورلڊ ڪپ 2011ع جي فائنل کي فڪس قرار ڏيندي ان جي جاچ جو مطالبو ڪيو هو. اهڙن الزامن کانپوءِ سريلنڪا جي هاڻوڪي راندين واري وزير نوٽيس وٺندي جاچ جو فيصلو ڪيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shafiq chalks up 4,000 runs as Pakistan eyes victory

اسد شفيق جون ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ چار هزار رنسون مڪمل

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀلوڙ بيٽسمين اسد شفيق ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 4 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے