17 ہفتہ , نومبر 2018

اعليٰ عدالت به چئي چڪي آهي ته پاناما ڪيس ڪرپشن جو آهي ئي نه: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاناما ڪرپشن جو ڪيس ناهي، اعليٰ عدالت به اها ڳالهه چئي چڪي آهي، حقيقت ۾ ڪيس ان تماشي جو هو، جيڪو مخالف ڌر لڳائڻ پئي چاهي. سپريم ڪورٽ اڳيان صحافين سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته پاناما ڪيس ۾ درخواست گذارن ڪرپشن، مني لانڊرنگ ۽ اثاثا لڪائڻ جا الزام هنيا پر ڪيس اتي ئي بيٺو آهي، سپريم ڪورٽ چئي چڪي آهي ته اهو ڪيس ڪرپشن جو آهي ئي نه. سندس چوڻ هو اسان کي اميد آهي ته اعليٰ عدالت تماشو هڻائيندڙن جي درخواست رد ڪندي پر اسان آخري وقت تائين وڙهندا رهنداسين ۽ عمران خان جي صورت ۾ سازشين جي ٽولي کي پاڪستاني عوام به رد ڪندو. مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم 50 سال پراڻو حساب ڏئي رهيو آهي، جنهن پاڻ کي قانون اڳيان پيش ڪيو، هو سپريم ڪورٽ ۾ عوامي مينڊيٽ، ملڪ جي ترقي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ سي پيڪ منصوبي جو ڪيس عوام لاءِ وڙهي رهيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Model Town case: SC to hear petition for formation of new JIT

ماڊل ٽائون سانحو: جاچ لاءِ نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ لاءِ نئين جي آءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے