22 جمعرات , نومبر 2018

سعودي عرب سان خاص حج اڏامن جو معاهدو چاهيون ٿا: اسرائيل

والاريل بيت المقدس (ويب ڊيسڪ): اسرائيل سعودي سان خصوصي حج اڏامن جو معاهدو ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي، پرڏيهي ميڊيا مطابق اسرائيلي مواصلات واري وزير ايوب ڪارا چيو آهي ته اسرائيل ۾ رهندڙ مسلمانن کي حج ڪرڻ لاءِ ڊگهو رستو طئي ڪرڻو پوندو آهي، ان لاءِ سعودي عرب لاءِ سڌو سنئون حج اڏامن جو معاهدو ٿيڻ سان اهو سفر آسان ٿي ويندو، هن اميد ظاهر ڪئي ته معاهدي جي نتيجي ۾ اسرائيل ۾ رهندڙ مسلمان جلد ئي اسرائيلي اڏامن ۾ تل ابيب جي بن گوريان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان سڌو سعودي عرب تائين پرواز ڪري سگهندا، هن وقت اسرائيل ۾ رهندڙ مسلمان اردن جي فضائي ڪمپني رائل اردن ذريعي عمان کان ٿيندا سعودي عرب پهچندا آهن، انهن کي حج ۽ عمري جي لاءِ اردن درياهه ۽ ريگستان کي عبور ڪري تقريبن هڪ هزار ڪلوميٽر جو ڊگهو رستو بس ذريعي طئي ڪرڻو پوندو آهي، پرڏيهي ميڊيا مطابق اهي قدمن ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ جي آمريڪي ڪوشش جو حصو آهن ۽ تازو ئي ٻه مهينا اڳ صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب کان اڏام ڪري اسرائيل پهتو هيو، ان اڏام کان اڳ تائين سعودي عرب کان سڌي سنئين اسرائيل لاءِ اڏام کي ناممڪن تصور ڪيو ويندو هيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي ولي عهد جمال خاشقجي جي قتل ۾ هر گز ملوث ناهي: سعودي پرڏيهي وزير

رياض(ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير عادل الجبير چيو آهي ته سعودي ولي عهد جمال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے