19 پیر , نومبر 2018

ايم ڪيو ايم وارا حقيقتون تسليم ڪن ته سندن عزت بچي ويندي: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته پي ايس 114 جون چونڊون رينجرز جي نگراني ۾ ٿيون، ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪوڙ ڳالهائي پاڻ کي دوکو ڏئي رهي آهي. ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته پولنگ واري ڏينهن ڪنهن به ايجنٽ ڌانڌلي جي ڳالهه نه ڪئي، ڪنهن ٻئي اميدوار به ڌانڌلي جي ڳالهه نه ڪئي، ايم ڪيو ايم کي چونڊ جي چئن ڏينهن کانپوءِ اعتراض ٿيو. سندس چوڻ هو ته جن پولنگ اسٽيشنن تي ڌانڌلي جا الزام هنيا پيا وڃن، اتي سڄو ڏينهن ميڊيا موجود رهي، اهي حقيقتون تسليم ڪن ته سندن عزت بچي ويندي. سعيد غني چيو ته انهن پراڻي تاريخ تي درخواست ٺاهي جمع ڪرائي، اليڪشن ڪميشن جيان ٽربيونل ۾ به ايم ڪيو ايم کي مايوسي ملندي. سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ٿورڙي به لڄ آهي ته عوام جو فيصلو تسليم ڪري.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن مقصد لاءِ قربانيون ڏنيون ان کي حاصل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته هاڻ اسان هائبرڊ عسڪريت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے