21 بدھ , نومبر 2018

محمد حفيظ گهر ڀاتين سان گڏ سوئٽزرلينڊ ۾ موڪلون ملهائيندي

برن (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو سينيئر آل رائونڊر محمد حفيظ پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن سان گڏ سوئٽزرلينڊ ۾ موڪلون ملهائي رهيو آهي، جنهن دوران هن ڪڍيل ڪجهه تصويرون سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏيون آهن. آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل ۾ شاندار اننگ کيڏندڙ محمد حفيظ اڄڪلهه يورپ گهمڻ ۾ مصروف آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ هو آسٽريا ۾ موجود هو، جنهن کانپوءِ هاڻ سوئٽزرلينڊ پهتو آهي. اڳوڻي ٽي ٽوئنٽي ڪپتان يورپ جي سڀ کان وڏي برفاني علائقي جوانگ فرو گهمڻ دوران ڪڍيل ڪجهه تصويرون پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي جاري ڪندي لکيو آهي ته ”سبحان الله، جوانگ فرو، يورپ جو سڀ کان وڏو هنڌ، شاندار علائقو، ڏاڍو مزو آيو ۽ ٻارن کي ان هنڌ سان پيار ٿي ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ: شروعاتي 10 بهترين بيٽسمينن ۾ هڪ به پاڪستاني شامل نه

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل( آءِ سي سي ) نئين ٽيسٽ رينڪنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے