15 جمعرات , نومبر 2018

سيريز برابر ٿيڻ تي خوش آهيان، اڳتي به سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندس: هاشم آملا

لنڊن (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي بهترين اوپننگ بيٽسمين هاشم آملا چيو آهي ته انگلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي ۽ سيريز برابر ڪرڻ تي ڏاڍو خوش آهيان. ميزبان ٽيم خلاف ايندڙ ميچن ۾ به بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري ٽيم جي ڪاميابين ۾ اهم ڪردار ادا ڪندس. پنهنجي بيان ۾ هاشم آملا جو چوڻ هو ته مان ڀرپور فارم ۾ ۽ پنهنجي ڪارڪردگي مان مطمئن آهيان، ٽيم جا سڀ رانديگر انگلينڊ کي ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي کانپوءِ رانديگرن جو اعتماد وڌيو آهي، اميد ته رانديگر سيريز جي ايندڙ ميچن ۾ به سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندي ٽيم کي ڪاميابيون ڏياريندا. هاشم آملا چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته انگلش ٽيم ڏاڍي مضبوط آهي ۽ ٻي ميچ هارائڻ کان پوءِ سڪون سان ويهندي، تنهن ڪري ميزبان ٽيم کي سولو مخالف نه سمجهنداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وسيم اڪرم ڪراچي ڪنگ جو صدر بڻجي ويو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر وسيم اڪرم پي ايس ايل فرنچائز ملتان سلطان کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے