17 ہفتہ , نومبر 2018

شرجيل خان ۽ خالد لطيف الزام قبول ڪري ورتا آهن: پي سي بي وڪيل جي دعويٰ

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي قانوني صلاحڪار تفضل رضوي دعويٰ ڪئي آهي ته ڪرڪيٽر شرجيل خان ۽ خالد لطيف ڪجهه الزام قبول ڪري ورتا آهن. ٻنهي رانديگرن شڪي ماڻهن سان ملڻ ۽ فڪسنگ جي ڳالهه ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. شاهه زيب حسن محمد عرفان، عمر امين ۽ ڪرنل اعظم کان پڇا ڪرڻ جي اجازت گهري آهي. جسٽس (ر) اصغر حيدر جي سربراهي ۾ پي سي بي جي 3 رڪني ٽربيونل پي ايس ايل جي شروعات ۾ ئي سامهون ايندڙ اسپاٽ فڪسنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. بي بي سي سان ڳالهائيندي بورڊ جي قانوني صلاحڪار تفضل حيدر رضوي ٻڌايو ته اسڪينڊل ۾ ملوث ڪرڪيٽرن شرجيل خان ۽ خالد لطيف جي ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿي چڪي، ڌرين کي رڳو لکت ۾ دليل داخل ڪرائڻا آهن، جنهن کانپوءِ ٽربيونل کي 30 ڏينهن ۾ فيصلو ٻڌائڻو پوندو. هن دعويٰ ڪئي ته ٻئي ڪرڪيٽر 80 کان 90 سيڪڙو اعتراف ڪري چڪا آهن ته هو شڪي ماڻهن سان مليا هئا ۽ ملاقات ۾ فڪسنگ جي ڳالهه ٿي هئي، ٻئي رانديگر اهو به مڃين ٿا ته ملاقات ۾ پئسن ۽ آڇ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻئي ڪرڪيٽر اهو به تسليم ڪن ٿا ته انهن سمورين ڳالهين کي رپورٽ نه ڪيو. خالد لطيف جي وڪيل طرفان ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ تفضل رضوي چيو ته عدالت اهو ضرور ڏسندي آهي ته ڪا ناانصافي ته ناهي ٿي، اوپنر جي وڪيل کي اهو واضح ٿي وڃڻ گهرجي ته هو ٻه ڀيرا عدالت سان رابطو ڪري چڪو آهي، ڪارروائي روڪرائڻ لاءِ سندس درخواست ۽ پوءِ نظرثاني جي اپيل به رد ٿي چڪي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistan inaugurates first AstroTurf cricket stadium in Balochistan

پاڪستان جي پهرين آسٽروٽرف ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو افتتاح

چمن ( اسپورٽس نيوز ) بلوچستان جي شهر چمن ۾ ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے