13 منگل , نومبر 2018

ڳجهين ايجنسين نواز شريف کي بچائڻ جي لاءِ 50 ارب رپيا ڪڍيا: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ڳجهين ايجنسين نواز شريف کي بچائڻ جي لاءِ 50 ارب رپيا ڪڍيا پر 500 ارب رپيا به ڪڍي وٺن تڏهن به هن کي بچائي نٿا سگهن. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته جي آءِ ٽي ختم ٿي چڪي آهي پر تنقيد هاڻ به جاري آهي، درحقيقت نواز شريف جي آءِ ٽي جي آڙ ۾ ججن تي ڪاوڙ ڪڍي رهيو آهي، ڀٽو کي به ان جي وڪيلن مارايو هو، اهڙي ريت نواز شريف جي وڪيلن به ڪيس کي خراب ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ٻڌڻي شايد اڄ ئي ختم ٿي وڃي ڇو ته هنن قبول ڪيو آهي ته هو دبئي ۾ مارڪيٽنگ مينيجر هئا پر هو چاهن ٿا ته مريم ۽ نواز شريف اناهل نه ٿين باقي سڄو جهان نااهل ٿي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته آئون نٿو سمجهان ته هي بچي سگهندا ڪيس ۾ نااهلي به ٿيندي ۽ سزا به ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے