19 پیر , نومبر 2018

پاناما ڪيس حتمي مرحلي ۾ داخل، اميد آ ته اڄ عدالت فيصلو محفوظ ڪندي: شاهه محمود

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاناما ڪيس حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ اميد آهي ته اڄ عدالت فيصلو محفوظ ڪندي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته پي ٽي آءِ جي ويڙهه ڪنهن خاندان يا فرد خلاف ناهي پر اسان هڪ نظام ۽ طبقي جي خلاف وڙهي رهيا آهيون، اسان آئين ۽ قانون جي بالادستيي جي ويڙهه وڙهي رهيا آهيون. هتي ڪمزورن جي لاءِ الڳ ۽ طاقتورن جي لاءِ الڳ قانون آهي، ان فرق کي ختم ڪرڻو پوندو، سپريم ڪورٽ ۽ قوم کي پيغام ڏيڻو پوندو ۽ قوم ٻڌڻ چاهي ٿي ته قانون جي نظر ۾ سڀ برابر آهن، طاقتور ۽ عام شهري برابر ڪٺهڙي ۾ بيهندا.  هن وڌيڪ چيو ته طبقو سمجهي ٿو ته هو عدالت ۽ طاقت جي ڪري قانو کي تابع ڪري سگهي ٿو ان طبقي کي اهو پيغام ڏنو وڃي ته قانو کان ڪو به مٿانهون ناهي ته نئون پاڪستان بڻجي ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے