12 پیر , نومبر 2018

عدالت ۾ وزير اعظم جي نااهلي ۽ ڪرمنل ڪيس به کڻي وينداسين: اسد عمر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته حڪمران پنهنجي احتساب جي واويلا ڪندا آهن پر جنهن ڏينهن ان جو احتساب ٿيو هي ڊيل ڪري ملڪ کان ٻاهر هليا ويا ۽ احتساب بيهي ويو. عدالت ۾ وزير اعظم جي نااهلي ۽ ڪرمنل ڪيس به کڻي وينداسين. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته جي آءِ ٽي 60 ڏينهن ڪم ڪيو ۽ توهان جي خاندان جو هڪ ٻيو ڪچو چٺو کوليو ويو توهان قوم جو پيسو ڦريو آهي. ڪيس جو فيصلو هفتي کان 10 ڏينهن ۾ اچي ويندو. هن چيو ته پهريون ڀيرو وزير اعظم جو شفاف احتساب ٿي رهيو آهي، چوري ڏانهن اک کڻن ٿا ته چون ٿا جمهوريت کي خطرو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے