17 ہفتہ , نومبر 2018

فيصلو حق ۾ هجي يا مخالفت ۾، قبول ڪنداسين: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي قبوليندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ڀٽو ۽ نواز شريف جو ڪيس سياسي آهي، نواز شريف جي 36 سالن جي سياسي زندگي ۾ ڪو به الزام تي ناهي لڳايو ويو، ڪجهه ماڻهو پنهنجي خواهشن جو بار سپريم ڪورٽ جي ڪنڌ تي وجهڻ چاهن ٿا. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جا جج سمورين ڳالهين جو ادراڪ رکن ٿا. اهڙو ڪو به فيصلو نه هئڻ گهرجي جنهن کي ايندڙ سالن تائين برداشت ڪرڻو پوي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جو موقف بلڪل واضع آهي، سپريم ڪورٽ جو فيصلو اسان جي حق ۾ هجي يا مخالفت ۾ ان کي قبول ڪنداسين، فيصلو حق ۾ نه آيو ته پارٽي عوام جي عدالت ۾ ضرور ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے